Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

ويندو، گارگند جو تَصَوُّر به باقي نه رهندو، حَسَد، ساڙ، بغض ۽ ڪينو وغيره اهي تمام باطني بيماريون مُعَاشَري مان ختم ٿي وينديون۔ ۽ اهو سڀ ڪيئن ٿيندو؟ خوفِ خُدا جي ذريعي۔

معلوم ٿيو ڪنهن به مُعَاشَري کي مِثَالي مُعَاشرو بنائڻ جي لاءِ اَهم ۽ بنيادي شيون ٻه آهن: حق تلفين کان بچڻ ۽ خير خواهي، اهي ٻئي شيون خوفِ خُدا جي ذريعي چڱي طرح حاصِل ٿينديون آهن، لهٰذا مُعَاشَري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ، مُعَاشَري کي مِثَالي مُعَاشرو بنائڻ جي لاءِ خوفِ خُدا اِنتهائي لازمي آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي خوفِ خُدا جي نعمت نصيب فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

قلب میں خوفِ خُدا رکھ کر تُو سارے کام کر      کامیابی ہو گی تیری اِنْ شَآءَ اللہ! ہر ڈگر([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مَقصَدِ حيات جي تڪميل جو ذريعو

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! هڪ ٻي انداز سان خوفِ خُدا جي اهميت سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا۔ اسان الحمد لله! انسان آهيون ۽ الله پاڪ انسانن کي ڇا جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)  (پاره:27، سورۂ ذاريات، آيت:56)  

ترجموڪنزالايمان: ۽ مان جن ۽ انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا آهن جو منهنجي بندگي ڪن.

 يعني انسان جي دُنيا ۾ اچڻ جو مقصد آهي: الله پاڪ جي عِبَادت ڪرڻ. اسان پنهنجي زِندگي جو اهو مقصد ڪيئن پُورو ڪري سگھون ٿا؟ اسان عبادت گذار ڪيئن ٿي سگھون ٿا؟ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مِنهاجُ العَابِدِين ۾ هن حوالي سان


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:698۔