Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

یٰۤاَیُّهَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوا  اتَّقُوا  اللّٰهَ  حَقَّ  تُقٰتِهٖ   (پاره:4، سورۂ آلِ عمران، آيت:102)  

ترجموڪنزالايمان:اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي.

ڪيترو واضِح فرمان آهي. اي ايمان وارؤ! الله پاڪ کان ڊڄو...! جهڙو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي۔ اها خاص ڌيان ۾ رکڻ جي ڳالھ آهي: حَقَّ تُقٰتِہٖ. يعني الله پاڪ کان ايئن ڊڄڻ جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي۔ ايئن ته ڪو مسلمان به نه چوندو ته مان الله پاڪ کان نٿو ڊڄان پر الله پاڪ کان ڊڄڻ جا جيڪي درجا آهن، الله پاڪ کان ڊڄڻ جون جيڪي نشانيون آهن مثال طور ٻانهو گُنَاهن کان بچي، ٻانهو الله پاڪ جي نافرماني کان بچي، نيڪين سان دِل لڳائي، عِبَادت جي ڪثرت ڪري، اسلام جي تعليمات تي واقعي، صحيح معني ۾ عَمَل ڪري، اهي تمام خوفِ خُدا جون نشانيون آهن، اهي جيڪر ڪنهن ٻانهي ۾ پاتيون وڃن ته هو چورائيندو: حَقَّ تُقٰتِہٖ. يعني الله پاڪ کان ائين ڊڄڻ جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي.

حَقَّ تُقٰتِہٖ“ جون 3 مثال

حضرت داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، هڪ ڀيري پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام تي خوفِ خُدا جو ايترو غلبو ٿيو جو 40 ڏينهن تائين سجدي جي حالت ۾ روئيندا رهيا، ايستائين جو سندن لڙڪن جي پاڻي سان زمين تي ساوڪ ڦُٽي پئي۔([1]) اهو آهي: حَقَّ تُقٰتِہٖ يعني الله پاڪ کان ائين ڊڄڻ جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي۔

 حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جا خليل آهن، پاڻ خوفِ خُدا سبب ايترو روئيندا هئا، جو روايتن ۾ اچي ٿو: خوفِ خُدا سان روئڻ مهل حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي سيني جي گڙگڙاهٽ هڪ ميل جي فاصلي کان ٻڌڻ ۾ ايندي هئي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام خوفِ خُدا


 

 



[1]...احیاء العلوم مترجم، جلد:4، صفحہ:533۔