Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

فِکْرِ مَعَاش بَدبَلا، ہَوْلِ مَعَاد جاں گُزا                       لاکھوں بَلا میں پھنسنے کو رُوح بدن میں آئی کیوں؟

 وضاحت: يعني زِندگي جا اسباب مثال طور کائڻ پيئڻ وغيره جو فِڪر! قبر جي تنگي ۽ قيامت جي هولناڪين جو خوف! اهڙين کوڙ سارين مصيبتن ۾ ڦاسڻ جي لاءِ رُوح بدن ۾ آيو ئي ڇو...؟

حقيقي سَعَادت مند ڪير...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! دُنيا ۾ مؤمن ٿي زندگي گذارڻ يقيناً سَعَادت جي ڳالھ آهي پر اها سَعَادت حقيقت ۾ انهيء صُورت ۾ سَعَادت آهي جو دُنيا مان موڪلائڻ مهل ايمان سلامت رهي۔ خُدا جو قسم! لائقِ رشڪ اهو ئي آهي جيڪو قبر جي اندر به مؤمن آهي۔ جي ها! جيڪو دُنيا مان ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو اهو ئي حقيقي معني ۾ ڪامياب آهي ۽ جيڪو جنّت کي ماڻي ويو اهو ئي بامراد آهي۔ سيپاري: 4، سوره آلِ عمران، آيت:185 ۾ ارشاد آهي:

فَمَنْ  زُحْزِحَ  عَنِ  النَّارِ  وَ  اُدْخِلَ  الْجَنَّةَ  فَقَدْ  فَازَؕ-

ترجموڪنزالايمان: جيڪو باھ کان بچائي بهشت ۾ داخل ڪيو ويو سُو مراد کي پهتو

میرا نازُک بدن جہنَّم سے                        از طفیلِ رضا بچا یارَبّ!

کر دے جنّت میں تُو جَوار اُن کا عطا            اپنے عطارؔ کو عطا یارَبّ!([1])

 بَس! الله پاڪ اسان جي حال تي ڪرم فرمائي، سڪرات جي وقت خبر ناهي اسان جو ڇا ٿيندو؟ افسوس! اسان گھڻا گُنَاھ ڪيا آهن، نيڪيون ذري برابر به ناهن، اسان دُعا گھرون ٿا: اي الله پاڪ! سڪرات جي وقت اسان وٽ شيطان نه اچي، بلڪ اسان جا آقا، رحمتِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪرم فرمائن، پنهنجو جلوو


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ: 80-81۔