Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

کپي، ڇوته الله پاڪ جي خُفيه تَدبِير کان بي خوف ٿيڻ سخت نقصان ڏيندڙ آهي، قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

فَلَا یَاْمَنُ مَكْرَ اللّٰهِ اِلَّا الْقَوْمُ الْخٰسِرُوْنَ۠(۹۹) (پاره:9، سورۂ اعراف، آيت:99)     

ترجموڪنزالايمان: الله جي مخفي تدبير کان بي خوف نه ٿيندا آهن مگر تباهي وارا.

عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان بلڪل بي خوف ٿيڻ گُنَاھِ ڪبيره آهي۔([1])

حضرت سفيان ثَوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو  خوفِ خُدا

حضرت سُفيان ثَوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏي رتبي وارا عالِمِ دِين، عظيم مُحدِّث ۽ ڪامِل ولي هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ منقول آهي ته سندن چيلھ جواني ئي ۾ چِٻي ٿي وئي هئي۔ ماڻهن ڪيئي ڀيرا ان جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪو جواب نه ڏنو۔ هڪ ڀيري هڪ شاگرد مسلسل اِصرار ڪري کائنس ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: منهنجو هڪ استاد هو، ان جو شُمار وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو، مون ان کان ڪيئي عُلوم سکيا هئا، جڏهن ان جي وفات جو وقت ويجھو آيو ته مون کي چوڻ لڳو: اي سفيان! ڇا توهان کي خبر آهي ته مون سان ڪهڙو معامَلو پيش آيو؟ مان 50 سالن تائين مخلوقِ خُدا کي الله پاڪ جي اطاعت ڪرڻ ۽ گُنَاهن کان بچڻ جي تلقين ڪندو رهيس پر افسوس! اڄ جڏهن منهنجي زندگي جو ڏيئو وسامڻ وارو آهي ته الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاھ مان اهو چئي ڪڍي ڇڏيو ته تون منهنجي بارگاھ ۾ اچڻ جي اهليت نٿو رکين۔

پنهنجي استاد جي اها ڳالھ ٻڌي عِبرت جي ڪري منهنجي چيلھ ٽٽي پئي، جنهن جي ٽٽڻ جو آواز اتي موجود ماڻهن پڻ ٻڌو. مان الله پاڪ جي خوف وچان ڳوڙها ڳاريندو رهيس ۽ شديد بيمار ٿي پيس۔ (خوفِ خُدا، صفحہ:80)


 

 



[1]...جہنم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:291۔