Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

مَوْرچَھل جھلنے کی خدمت مل گئی                           شاد کو دنیا کی عزت مل گئی

بارگاہِ خواجۂ اجمیر سے                                           لو کلیدِ گنج قسمت مل گئی

  ان کان عِلاوه شهزاده دَارَا شُڪوه، سلطان غياث الدّين، سلطان مانڊو، شهزاده شُجاع، شهزاده فَرُّخ ۽ ٻين ڪيئي وقت جي بادشاھن، هند جي سلطانن ۽ حڪمرانن پنهنجي پنهنجي دورِ حڪومت ۾ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دربارِ عالي شان ۾ حاضِري ڏئي زبانِ حال سان اهو اقرار ڪيو ته هند جي تخت تي چاهي ڪو به ويهي پر حقيقت ۾ هند جا سلطان خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي آهن۔

وہ ہند کے راجہ ہیں، میں اُن کا بھکاری ہوں            خالی میں چلا جاؤں، کب اُن کو گوارا ہے

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو غريبن کي نوازڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! خِدمَتِ خَلق (social welfare) عظيم نيڪي آهي۔ ماشَآءَ الله! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ننڍپڻ کان ئي ٻين جي ڪم اچڻ وارا، ڏُک ورهائڻ، مسڪينن، غريبن، فقيرن سان ڀلائي ڪرڻ وارا، انهن جي دِل جُوئي ڪرڻ وارا هئا۔

 ڪجھ تاريخدانن لکيو آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کير پيئڻ واري عمر ۾ هئا، هڪ ڏينهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه امڙ سائڻ جي هنج ۾ کير پي رهيا هئا، ايتري ۾ هڪ غريب عورت آئي، ان جي هنج ۾ هڪ ننڍڙو ٻارڙو هو جيڪو بک سبب زارو قطار روئي رهيو هو، ٻارڙي کي روئيندو ڏسي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والِده محترمه عورت کي چيو: توهان جو ٻار بکايل آهي، ان کي کير ڇو نٿيون پيئاريو، اهو ٻڌي ڏکايل ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچي