Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان ٿوري توجھ ڪيون ته ڪيتري آساني سان گُنَاھ بخشرائي سگھجن ٿا، مثال طور صبح فجر نماز باجماعت ادا ڪريون، مٿو جھڪائي، اکيون بند ڪري سبز سبز گنبد جو تَصَوُّر ڪندي 3 ڀيرا درودِ پاڪ پڙھي وٺون، اهڙي طرح رات جو سمهڻ مهل چاهي بستر ئي تي قبلي ڏانهن چهرو ڪري مٿو جھڪائي اکيون بند ڪري ۽ پياري پياري گنبدِ خضراء جو تَصَوُّر ڪري 3 ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھي وٺون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان ڏينهن ۽ اُن رات جا گُنَاھ مُعَاف ٿي ويندا، خيال رهي! ڪبيره گُنَاھ سچي توبه سان مُعَاف ٿيندا آهن، اهڙي طرح قضا نمازون، قضا روزا، ٻانهن جا مالِي، جسماني حق ذِمي تي هجن ته انهن جي ادائيگي به لازمي آهي۔
وہ تَو نہایت سستا سودا، بیچ رہے ہیں جنت کا
ہم مفلس کیا مول چکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد