Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ڪجھ ملفوظات
پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ديني عالم هئا ۽ ٻين کي عِلمِ دين سيکاريندا به هئا، اَڪثَر خانقاھ شريف ۾ ماڻهن جو اجتماع ٿيندو هو، پاڻ عام طور قرآن ۽ حديث، فقه، تصوف ۽ طريقت ۽ اخلاقيات جي موضوع تي درس ڏيندا هئا، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُرِيدن کي نماز بابت گھڻو تاڪيد ڪندا هئا، جيئن خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا خليفه ۽ مريدِ خاص خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي اربع جي ڏينهن پير ومُرشِد جي بارگاھ ۾ حاضِري جو شرف حاصِل ٿيو، سمرقند جا 6 درويش وٽن حاضر هئا، مولانا بخاري به حاضِر هئا، پوءِ شيخ اُحُدُ الدِّين ڪرماني به اچي ويهي رهيا، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اهي ڪهڙا مسلمان آهن جيڪي نماز وقت تي ادا نٿا ڪن ۽ ايتري قدر دَير ڪن ٿا جو وقت گُذري ويندو آهي، انهن جي مسلمانيءَ تي 20 هزار ڀيرا افسوس! جيڪي الله پاڪ جي بندگي ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا، پوءِ فرمايائون: منهنجو اهڙي شهر مان گذر ٿيو جتي اهو رواج هو ته ماڻهو وقت کان پهريان نماز جي لاءِ تيار ٿي ويندا هئا، مون پڇا ڪئي: توهان سڀئي وقت کان پهريان ئي تياري ڪندا آهيو، هن ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ ماڻهن ٻڌايو: سبب اهوئي آهي جو جڏهن وقت ٿئي ته يڪدم نماز ادا ڪري وٺون، جيڪڏهن تياري نه ڪنداسين ته شايد وقت گذري وڃي، پوءِ اهو منهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيئن ڏيکارينداسين؟
پوءِ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ بيان ڪئي، فرمايائون: پيغمبرِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَا اِیْمَانَ لِمَنْ لَا صَلوٰۃَ لَہٗ جنهن جي نماز ناهي، ان جو ايمان ناهي۔ پوءِ فرمايائون: بغداد جي جامِع مسجد ۾ مولانا عِمَادُ الدِّين نالي هڪ مبلغ رهندو هو، گھڻو نيڪ مرد هو، اها حڪايت مون اُن کان ٻڌي ته هڪ ڀيري الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلام کان دوزَخ جي باري ۾ گفتگو ڪئي، فرمايو: اي موسيٰ! مون دوزَخ ۾ هڪ وادي ”هاوِيه“ پيدا ڪئي آهي جيڪو ستون دوزخ آهي ۽ سڀ