Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
خواجۂ خواجگاں غریب نواز غریب نواز قبلۂ عارفاں غریب نواز غریب نواز
اے شہِ صالحاں غریب نواز غریب نواز ہم پہ ہو مہرباں غریب نواز غریب نواز
الله اڪبر! وقت جا بادشاھ جن جي بارگاھ ۾ خادِم بڻجي ايندا هجن، اهڙي شخصيت جو هڪ غمگين هاري جو غم دُور ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مَصرُوفيت ڇڏڻ، اجمير کان دِهلي تائين جو سَفَر ڪرڻ ۽ ايتري تڪليف کڻڻ واقعي حيرتناڪ آهي۔ افسوس! اسان کي دُنيا ڪمائڻ ئي کان فرصت ناهي، افسوس! اسان اهڙا ته مَصرُوف ٿي ويا آهيون جو ڪنهن اڻڄاڻ جي مدد ڪرڻ ته رهيو پري، پر پنهنجي پاڙيسرين جي به خبر گيري نٿا لهون، بلڪه هاڻي ته موبائل، سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ، فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ وغيره اهڙو مصروف ڪيو آهي جو ماءُ پيءُ جي خير خبر پڇڻ، هڪ ئي گھر ۾ پاڻ سان گڏ رهڻ وارن جي دِل جُوئي ڪرڻ جو به وقت ناهي ملندو۔ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا چاهڻ وارؤ! ياد رکو! هڪ سٺو ۽ ذمه دار مسلمان اهو آهي جيڪو پنهنجو به خيال رکي، پنهنجي گھر وارن جو به، پنهنجي پاڙيسرين جو، پنهنجي دوست احباب جو به بلڪه اڻ واقف مسلمانن جو به خيال رکي، انهن جي مشڪلاتن ۾ ڪم اچي، انهن جا ڏک ورهائي ۽ انهن کي نفعو پهچائي۔ الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: خَیْرُ النَّاس مَنْ یَنْفَعُ النَّاس انسانن ۾ بهتر اهو آهي جيڪو ماڻهن کي نفعو گھڻو پهچائي ٿو۔ (کنز العمال، جُزْ:16، جلد:8، صفحہ:54، حدیث:44147)
حضرت انس بن مالِڪ رَضِی الله عَنْهُ کان رِوايت آهي، الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن منهنجي اُمَّتي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ان جي حاجت پوري ڪئي، ان مون کي خوش ڪيو، جنهن مون کي خوش ڪيو، ان الله پاڪ کي خوش ڪيو ۽ جنهن الله پاڪ کي خوش ڪيو، الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخِل فرمائيندو۔
(شعب الایمان، باب فی التعاون علی البر والتقوی، جلد:6، صفحہ:115، حدیث:7653ملتقطًا)