Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

توهان وٽ غريب ۽ مسڪين ماڻهو ويٺل آهن، انهن کي پنهنجي مجلس مان ڪڍي ڇڏيو ته جيئن اسان توهان وٽ اچون ۽ توهان جي ڳالھ مڃون۔ ان تي حضرت نوح عَلَيه السَّلام جيڪو جواب ڏنو، الله پاڪ ان کي قرآنِ ڪريم ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي:

وَ مَاۤ اَنَا بِطَارِدِ الْمُؤْمِنِیْنَۚ(۱۱۴) (پاره19،سورۃالشعراء:114)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ مان مسلمانن کي پري ڪڍڻ وارو نه آهيان.

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي ته: هن آيت مان معلوم ٿيو غريبن فقيرن سان گڏ ويهڻ انبياءِ ڪرام عَلَيْهُم السَّلام جي سُنَّت آهي، تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته اهو غريب مسلمانن سان اٿڻ ويهڻ رکي، انهن جي دِل جُوئي ڪري ۽ انهن جون مشڪلاتون پري ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي اِقدامات ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري۔

(تفسیر صراط الجنان، پ19، الشعراء، تحت الآیۃ:114، جلد:7، صفحہ:122)

غريبن جي مدد ڪرڻ سُنّت مصطفيٰ آهي

اسان جا پيارا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غريبن جو گھڻو خيال رکندا هئا۔ قاضِي عَياض مالڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ”شِفَا شريف“ ۾ لکن ٿا: حُضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسڪينن جي عِيادت (يعني تيمار داري) ڪندا هئا، فقيرن وٽ ويهندا هئا ۽ ڪو غُلام به دعوت ڏيندو هو ته ان کي قبول ڪندا هئا۔ (کِتَابُ الشفَا، قسم الاول، الباب الثانی، فصل و اما تواضعہ، صفحہ:105، جز الاول) 

علامه عبد الحق مُحَدِّث دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن حُضُور اَقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن محتاج کي ڏسندا هئا ته پنهنجو کاڌو پيتو تائين کڻي ان کي ڏئي ڇڏيندا هئا، جڏهن ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي به ان جي ضرورت هوندي هئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون عطائون مختلف قسم جون ٿينديون هيون: ڪنهن کي تحفو ڏيندا هئا، ڪنهن جو قرض لاهيندا هئا، ڪنهن کي صدقو عطا ڪندا هئا، ڪڏهن ڪپڙو خريد ڪري ان جي قيمت ادا ڪندا هئا ۽ اهو ئي ڪپڙو جنهن