Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

ويا، دَرد ڀريو ساھ کڻي چيو: اي سيده! مان غريب آهيان، گھر ۾ فاقه آهن، ڪيئي ڏينهن کان هڪ گرھ به نڙي کان هيٺ ناهي لٿو، ان ڪري ٻار کير کان محروم آهي۔ ايترو ٻڌڻ هو جو خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ننڍڙي آڱر سان ٻار ڏانهن اشارو ڪيو، ڄڻ والِده جي خدمت ۾ عرض ڪري رهيا هئا ته توهان ننڍي ٻار کي کير پيئاريو، والده محترمه اشارو سمجھي ويون، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي درخواست تي پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والده محترمه ان ٻارڙي کي هنج ۾ کڻي کير پيئاريو، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻار کي کير پيئندو ڏسي خوب مسڪرائي خوشي جو اظهار ڪيو۔ (ہند کے مُرشدِ اعظم، صفحہ:99خلاصۃً)

بعض روايتن جي مطابق خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ننڍپڻ ۾ پنهنجي هم عُمر ٻارن کي گھر گھرائيندا هئا ۽ انهن کي کاڌو کارائيندا هئا۔ (ہند کے مُرشدِ اعظم، صفحہ: 99) سندن ننڍپڻ ئي جو واقعو آهي ته هڪ ڀيري عيد جو ڏينهن هو، صبح جي وقت ماڻهو نوان ڪپڙا پائي، خوشي خوشي عيد جي نماز جي لاءِ عيد گاھ  ڏانهن وڃي رهيا هئا، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به نئون قيمتي لباس پائي عيد گاھ ڏانهن روانا ٿيا، واٽ تي هڪ دَرد ناڪ منظر ڏٺائون؛ رستي جي ڪناري تي هڪ ٻارڙو بيٺل آهي، اکين کان نابين آهي، ان جا پُراڻا ڪپڙا، غُربَت زَده حال ۽ چهري تي اُداسي ۽ غم ڏسي خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دِل ڀرجي آئي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هٿ پڪڙي ٻار کي گھر وٺي آيا، پنهنجو قيمتي لباس لاهي غريب ٻارڙي کي پارايو، پاڻ پُراڻا ڪپڙا پائي ان غريب کي ساڻ وٺي عيد گاھ ڏانهن روانا ٿيا۔ (ہند کے مُرشدِ اعظم، صفحہ:101خلاصۃً)

تمہارے دَر کی کرامت یہ بارہا دیکھی                    غریب آئے یہاں، ہو گئے غریب نواز

تمہاری ذات سے میرا بڑا تعلق ہے                    کہ میں غریب بڑا، تم بڑے غریب نواز

نہ مجھ سا کوئی گدا ہے، نہ تم سا کوئی کریم                نہ دَر سے اُٹھوں گا، بےکچھ لئے غریب نواز