Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

اڄڪلھ ترقي جو دَور آهي، هاڻي اوقات جي معلومات وڌيڪ مشڪل ناهي رهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي زيرِ اهتمام ”مجلسِ توقيت“ گذريل ڪيئي سالن کان اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تحقيق جي مُطَابق سڄي دُنيا جي مسلمانن جي درست اوقاتِ نماز و سمتِ قبله بابت رهنمائي جي لاءِ ڪوشش  ڪري رهي آهي ۽ مَاشَآءَ الله! دَعوتِ اسلامي جي مجلس توقيت ۽ مجلس آئي ٽي جي گڏيل ڪوشش سان Prayer Times  (اوقاتِ نماز) نالي کان موبائل ايپلي ڪيشن به تيار ڪئي وئي آهي، اها ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تي موجود آهي۔ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دُنيا ۾ ڪنهن به مقام جا اَوقات ۽ قبلي جو رخ معلوم ڪري سگھجي ٿو، ان کان عِلاوه پنج ئي نمازن جا اَوقات جا ماهوار ٽائم ٽيبل، اَذڪار (روحاني علاج)، مدني چينل ريڊيو، نماز جي وقت آٽو تي موبائل سائلنٽ ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر به موجود آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! دُنيا ۽ آخرت جون ڀلايون ماڻڻ، نمازن جو پابند بڻجڻ، پنهنجي ۽ ٻين جي اِصلَاح جي ڪوشش ڪري ثواب جو ذخيرو جمع ڪرڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ جيترو ٿي سگھي دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: مدني قافلو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دِين جي تبليغ جي لاءِ، سڄي دُنيا ۾ سُنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ، خود نمازن جي پابندي ڪرڻ ۽ ٻين کي نمازن جو عادِي بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت هر مهيني هزارين اسلامي ڀائر مدني قافلن ۾ سَفَر ڪندي مختلف علائقن ۾ وڃي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سَعَادَت حاصِل ڪندا آهن، اوهان به همت ڪريو، الله پاڪ جي دِين کي وقت ڏيو، الله ڪريم