Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجنَّة يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 ”دُعا ۾ ٻاڏائڻ“ سُنَّت آهي

دو  2فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): قبوليت جو يقين رکي دُعا گھرو! بيشڪ الله پاڪ غافِل دِل سان گھريل دُعا پوري ناهي ڪندو۔ (ترمذی، کتاب: دعوات، صفحہ:799، حدیث:3478) (2): الله پاڪ دُعا ۾ ٻاڏائڻ وارن کي دوست رکي ٿو۔ (شُعَبُ الْاِیْمان، باب: اللہ پاک سے اُمِّیْد رکھنا، جلد:2، صفحہ:38، حدیث:1108) 

اي عاشقانِ رسول! دُعا ۾ ٻاڏائڻ سُنَّت آهي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه الله پاڪ کان دُعا گھرڻ وارا ۽ دُعا ۾ ڪثرت سان ٻاڏائڻ وارا هئا۔

پيارا اسلامي ڀائرو! * دُعا ۾ ٻاڏائڻ سان مُراد جلد پوري ٿيندي آهي، اعليٰ حضرت جا والِد، مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دُعا جو اَدَب بيان ڪندي فرمائن ٿا: ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ ڪوشش ڪري، توڙي جو هڪ ئي قطرو هجي ڇوته قبوليت جو دليل آهي، روئڻ نه اچي ته روئڻ جھڙو منهن بڻائي ڇوته نيڪن جي صُورت به نيڪ آهي۔ (فضائِلِ دُعا، صفحہ:81) * دُعا ۾ ٻاڏائڻ سان دِل کي سڪون ملندو ۽ زَنگ دُور ٿيندو آهي * دُعا ۾ ٻاڏائڻ سان ٻانهي جو الله پاڪ سان تعلق مضبوط ٿيندو آهي۔ (نَضْرَۃُ النعیم، جلد:2، صفحہ:9) ڪاش! اسان کي ڪثرَت سان دُعا ڪرڻ ۽ دُعا ۾ خوب ٻاڏائڻ جي توفيق ملي وڃي۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد