Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
کان خريد ڪيو هو ان کي عطا ڪندا هئا، ڪڏهن قرض وٺندا ها ته (پنهنجي طرفان) ان جي مقدار کان وڌيڪ عطا ڪندا هئا، ڪڏهن تحفو قبول ڪندا هئا ته ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ انعام عطا ڪندا هئا۔ (مدراج النبوت، باب دوم، جلد:1، صفحہ:49) الله پاڪ اسان کي به غريبن جي مدد ڪرڻ، ان جا ڏُک ورهائڻ، ان جون مشڪلاتون حل ڪرڻ، انهن سان غم ۾ شريڪ ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.
خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مريدِ خاص خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان هڪ عرصي تائين خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت بابرڪت ۾ حاضر رهيس، ان دوران مون ڪڏهن ڪنهن فقير کي سندن درٻار مان هٿين خالي ويندي نه ڏٺو.
خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خانقاھ شريف ۾ روزانو لنگر تيار ڪيو ويندو هو، شهر جا تمام غريب ۽ مسڪين ايندا ها ۽ ڍؤ ڪري لنگر کائي ويندا ها۔ لنگر خاني جو خادِم سندن وٽ حاضر ٿي لنگر خاني جي خرچ جو مطالبو ڪندو هو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مصلي جي هڪ ڪنڊ کڻندا هئا ۽ چوندا هئا: اڄ جي خرچ جي لاءِ جيتري ضرورت هجي، اوترو کڻي وٺو، خادِم روزانو جي ضرورت جي مطابق رقم کڻي وٺندو هو ۽ لنگر خاني جو انتظام هلائيندو هو۔ (اقتباس الانوار، 376-377) ان کان عِلاوه خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شهر جي درويشن جي لاءِ وظيفو به مقرر ڪيو هو، جيڪو معمول جي مطابق تمام درويشن تائين پهچايو ويندو هو۔ (معین الارواح، صفحہ:12)
کیا فیض رَسَاں خواجہ دربار تمہارا ہے دُنیا نے یہیں آکر، دامن کو پسارا ہے
رَحْمَت کی گھٹا بَن کر برسا جو غریبوں پر اَجمیر میں اِکْ ایسا اللہ کا پیارا ہے
خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هاري جي مدد ڪئي
هڪ ڀيري هڪ هاري خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي عرض