Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت ڪندڙؤ! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هند خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دَارُ السَّلْطَنَت آهي، هر دور ۾ امير ۽ غريب، نيڪ ۽ بَد، عالِم ۽  جاهل، حاڪم ۽ محڪوم، شاھ و گدا سڀني جي لاءِ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو آستانو دِلي تسڪين ۽ رُوح جي ڪشش جو مرڪز رهيو آهي، مُسلِم بادشاهن کان وٺي، برطانوي حڪمرانن تائين سڀني خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عظمت اڳيان عقيدت سان ڪنڌ جھڪايو آهي۔ 1902 جي ڳالھ آهي، ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي انگريزن جي حڪومت هئي، بِرٽش گورنمنٽ جي طرفان لارڊ ڪرزَن هند جو وائِيس راءِ هو، اهو هڪ ڏينهن اجمير شريف حاضِر ٿيو، درٻارِ خواجه تي ان عجيب منظر ڏٺو، امير ۽ غريب، شاھ وگدا سڀني بارگاهِ خواجه ۾ عقيدت سان ڪنڌ جھڪائي رکيا آهن، اهو منظر ڏسي ان پنهنجي حڪومت کي خط لکيو ۽ ان ۾ تاريخي جملو لکيو: مون هند ۾ هڪ قبر کي شهنشاهي ڪندي ڏٺو آهي۔“ (ہند کے راجہ، صفحہ:29)  

دیکھو تو سخاوت میں کیا شان ہے خواجہ کی             کھاتے ہیں شہنشاہ بھی ٹکڑا میرے خواجہ کا

 نظروں میں نہیں بھائی، کونین کی سلطانی            شاہوں سے بھی افضل ہے، منگتا میرے خواجہ کا

دربارِ خواجه ۾ بادشاهن جون حاضريون  

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن هند تشريف فرما ٿيا، ان وقت اتي پِرٿَوي راج چوهاڻ حڪومت ڪري رهيو هو، ان خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گھڻي مخالفت ڪئي ۽ طرح طرح سان تبليغِ دين جي راھ ۾ رنڊڪون وجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ان بدانجام خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي معاذ الله! قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پختو ارادو هو، تبليغِ دين جي لاءِ پاڻ پرجوش هئا، پرٿوي راج چوهاڻ جي طرفان هزار رُڪاوٽن جي باوُجود پاڻ دين جي تبليغ ڪندا رهيا، سندن ڪرامتون ڏسي، حُسنِ اخلاق جي ذريعي، مسلسل نيڪي جي دعوت ڏئي دين جو ڪم ڪيائون،  ڪيئي ڪافِرن کي ڪلمو پڙهايائون.