Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
مدد جي درخواست ڪندا هئا، بهادُر شاھ ظفر جي لکيل هڪ منقبت جا ڪجھ شعر ٻڌو!
آستاں بوسی کا مجھ کو شوق تو ہے اس قدر اُڑ کے پہنچوں میں ابھی، میرے اگر ہوں بال وپَر
پَر کروں کیا، میں ہوں بےطاقتِ قدم سے سربسر ہے تمہاری ہی فقط چشمِ عِنَایت پر نظر
یامُعِیْنُ الدِّیْن چشتی! دستگیری لازِم اَسْت
مفهوم: مون کي اوهان جي دربار ۾حاضِري جو گھڻو شوق آهي، مونکي پر هجن ها ته اڏامي پهچان ها، پر ڇا ڪيان جو گھڻو ڪمزور ۽ ضعيف آهيان، اوهان جي عِنَايت تي نظر آهي، اي مُعِينُ الدِّين! منهنجي دستگيري فرماءِ!
طواف کرتا ہے تمہارے آستاں کا آسماں خواجۂ ہر دوجہاں ہو، شاہِ شاہانِ جہاں
کعبۂ اَہْلِ صَفَا ہو، قبلہ گاہِ مُقْبِلاں آپ کا دستِ حِمَایَت، چھوڑ کر جاؤں کہاں؟
یامُعِیْنُ الدِّیْن چشتی! دستگیری لازِم اَسْت
مفهوم: آسمان توهان جي دَر جو طواف ڪري ٿو يعني توهان جي درٻار تمام بلند آهي، اوهان ٻنهي جھانن ۾ خواجه ۽ بادشاهن جا بادشاھ آهيو، اوهان اَولياءِ ڪرام جو قبلو ۽ ڪعبو آهيو، اوهان جي حِمَايت وعِنَايت ڇڏي مان ڪيڏانهن ويندس..! اي مُعِينُ الدِّين! منهنجي مدد فرمايو!
دولتِ عاصِيه جو وزير اعظم راجه سرڪشَن پرشاد 1924 ۾ بارگاھ خواجه ۾ حاضِر ٿي پنهنجي هٿن سان مورڇل (مور جي پرن سان ٺهيل وڏي هٿ جو پکو) جھلڻ جي خدمت انجام ڏني۔ راجه پَرشاد شاعِر به هو، جڏهن ان کي دربارِ خواجه تي خدمت جو موقعو مليو ته ان خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شان ۾ شعر چيا، لکي ٿو:
جھکتے ہیں شاہوں کے سَرخواجہ کی وہ سرکار ہے ہیں ملک دربان وہ شاہِ چِشْت کا دربار ہے
راجه پرشاد کي دربار شريف تي مَورڇل جھلڻ جي خدمت ملي، ان جي باري ۾ لکي ٿو: