Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

سلطان الهند خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو،  ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)

درود پاڪ جي فضيلت

الله جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو ٻانهو محبت ۽ شوق سان 3 ڀيرا ڏينهن ۾ ۽ 3 ڀيرا رات جو مون تي درودِ پاڪ پڙھي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان جا ان ڏينهن ۽ اُن رات جا گُنَاھ مُعَاف فرمائي ڇڏي۔ (معجم الکبیر، جلد:8، صفحہ:69، حدیث:15316) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد