Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

کان خوفناڪ ۽ ڪارو آهي ۽ ان جي باھ به سياھ (يعني ڪاري) ۽ گھڻي تيز آهي۔ ان ۾ نانگ، وڇون گھڻا آهن، ان کي گنڌڪ جي پٿرن سان هر روز تپايو ويندو آهي، جيڪڏهن ان گنڌڪ جو هڪ قطرو دنيا ۾ ڪري  ته تمام پاڻي سڪي وڃي ۽ تمام جبل ڳري وڃن ۽ ان جي گرمي سبب زمين ڦاٽي پوي۔ اي موسيٰ! اهڙو عذاب ٻن شخصن جي لاءِ بڻايو ويو آهي: هڪ اهو جيڪو نماز ادا نٿو ڪري ۽ ٻيو اهو جيڪو منهنجي نالي جا ڪوڙا قسم کڻي ٿو۔ (دلیلُ الْعَارِفین، صفحہ:12-14) 

الامان والحفيظ! اي عاشقانِ رسول! عبرت جو مقام آهي، افسوس! اسان ڪمزور ٻانها اهڙو سخت عذاب ڪيئن برداشت ڪري سگھنداسين پر افسوس! نمازن ۾ سُستي وڌندي ئي پئي وڃي، ياد رکو! نماز جي بغير ڪو چارو نه آهي. خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي جمعرات جي ڏينهن خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿي۔ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روئيندي فرمايو: اي درويش! نماز دين جو رُڪن آهي ۽ رُڪن ٿنڀ ٿيندو آهي، جڏهن ٿنڀ قائم رهندو ته گھر به قائم رهندو جڏهن ٿنڀ ڪِري پوندو ته ڇت يڪدم ڪري پوندي، جيئن ته اسلام ۽ دين جي لاءِ نماز ٿنڀ جي قائِم مقام آهي، جڏهن نماز جي فرضن، سنتن، رڪوع ۽ سجدي ۾ خلل ايندو ته حقيقتِ اسلام ۽ دين خراب ٿي ويندو۔

(دلیل الْعَارِفین، صفحہ:11)

اَوقاتِ نماز موبائل ايپلي ڪيشن:

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! نماز ۾ ڪوتاهي ڪرڻ، نماز جي اَوقات کان غفلت ڪرڻ ڪيترو سخت گُنَاھ آهي، هڪ روايت ۾ آهي: الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سڀني ٻانهن کان وڌيڪ عظمت وارا اهي مسلمان آهن جيڪي نماز جي وقت جو خيال رکن ٿا۔ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: وقت بابت ڄاڻ (يعني نماز، روزن وغيره جي اَوقات جي معلومات رکڻ) ته هر مسلمان تي فرضِ عين (يعني هر عاقل ۽ بالغ مسلمان تي ضروري) آهي۔