Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

آتش پرست( باهه جي پوڄا ڪندڙ) مسلمان ٿي ويا

منقول آهي؛ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه راھِ خُدا ۾ مختلف شهرن جو سفر ڪندي بغداد پهتا، اتي پاڻ ڪيئي مهينا قيام ڪيائون، بغداد ۾ 7 آتش پرست (يعني باھ جي پوڄا ڪندڙ) رهندا هئا، اهي پنهنجي عقيدي جي مُطَابق باھ جي پوڄا ڪرڻ ۾ وڏي محنت ۽ مشقت سان ڪم وٺندا هئا، هڪ ڏينهن اهي ست ئي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا، انهن کي ايندي ڏسي خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن تي جلالي نگاھ وڌي، اهي خواجه جي نگاھ جي تاب ڪونه  سهي سگهيا، انهن جا رنگ ڦڪا ٿي ويا، ۽ هٿ پير ڏڪڻ لڳا، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جلالي لهجي ۾ فرمايو: اي بي دينو! توهان الله پاڪ کي ڇڏي باھ جي پوڄا ڪريو ٿا...؟ چيائون: حُضُور! قِيامت جي ڏينهن اسان کي باھ ڪونه ساڙيندي، ان ڪري اسان ان جي پوڄا ڪيون ٿا، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: باھ صِرف انهن کي ڪانهي ساڙيندي، جيڪي باھ کي پيدا ڪرڻ واري خالق و مالڪ الله واحد و يڪتا جي عبادت ڪندا آهن۔ اهو ٻڌي انهن چيو: توهان الله پاڪ جي عِبَادت ڪيو ٿا، اچو! تجربو ڪري وٺون ٿا، جيڪڏهن باھ اوهان کي نه ساڙيو ته اسان ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي وينداسين۔ ايترو ٻڌندي ئي خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وِلايت ڀريو شان جوش ۾ آيو، فرمايائون: الله! الله! باھ ته مُعِينُ الدّين جي جُتي کي به نٿي ساڙي سگھي۔ سامهون باھ موجود هئي، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جُتي مُبَارَڪ لاهي باھ ۾ وجھي ڇڏي ۽ فرمايائون: اي باھ! مُعِينُ الدِّين جي جُتي کي نه ساڙجان. فرمانِ خواجه ٻڌندي ئي باھ حڪم جي تعميل ڪئي ۽ انهيءَ وقت ٿڌي ٿي وئي۔

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت ڏسي باھ جي پوڄا ڪرڻ وارن جون دِليون روشن ٿي ويون، دِل ۾ نورِ ايمان جڳمڳائڻ لڳو ۽ اهي يڪدم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي پنهنجي صحبت ۽ خدمت سان نوازيو، سُبْحٰنَ الله! خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صحبت جو فيضان ڏسو!