Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
باغ جا گل آهيو ۽ حضرت علي رَضِی الله عَنْهُ جي اک جا تارا آهيو ۽ مصطفيٰ جانِ رَحْمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جا شيدائي آهيو۔
ماشَآءَ الله! خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ دين جا گهڻا شيدائي هئا، سندن عُمر 15 سال هئي، جڏهن والدِ محترم جو انتقال ٿي ويو، وِراثت ۾ کين هڪ باغ ۽ هڪ اَنُ پِيهڻ واري چَڪِي ملي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باغ ۽ چَڪِي وڪڻي ڇڏيائون، ۽ باقِي جيڪو ساز وسامان هو، سمورو وڪڻي، اها قيمت فقيرن، مسڪينن تي صدقو ڪئي ۽ راھ عِلمِ دين جا مُسَافِر بڻجي ويا۔ پهريان پاڻ سمر قند ويا، اتي قرآنِ ڪريم حفظ ڪيائون۔ (اقتباس الانوار، صفحہ:347ملتقطاً) ۽ مولانا شَرفُ الدِّين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ديني علمِ دين سکيو، خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيئن جيئن عِلمِ دين سکندا ويندا هئا، تيئن عِلمِ دين جي اُڃ وڌندي ويندي هئي، پوءِ سمر قند ۾ عِلم سکي ”بخارا“ جو ارادو ڪيائون ۽ اتي جي مشهور عالِمِ دين شيخ حُسَّامُ الدِّين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شاگردي اختيار ڪئي، ڪم و بيش 5 سال جي مختصر عرصي ۾ پاڻ ان وقت جا رائج عُلُوم سکي فراغت حاصِل ڪيائون، ظاهري عُلُوم سکڻ کان پوءِ پاڻ باطني عُلُوم ڏانهن متوجھ ٿيا ۽ ان جي لاءِ ايران جي علائقي ”هاروَن“ پهتا، اتي حضرت خواجه عُثْمان هارْوَني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ تقريباً 20 سالن تائين پير صاحب جي خدمت ۾ حاضِر رهي معرفت جون منزلون طَئي ڪندا رهيا۔ (مرآۃ الاسرار، صفحہ:594خلاصۃً)
خواجه خواجگان مُعِينُ الدِّين فخرِ ڪون ومڪان مُعِينُ الدِّين
545 هجري کان وٺي 622 هجري تائين 77 سال جو اڪثر حِصو خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سَفَر ۾ گذاريو، مدينه مُنَوَّره، مَڪه مُعَظَّمَه، خُراسان، سَمَر قَنْد، بُخَارا، عِرَاق، هارْوَن، بغداد، ڪرْمان، همدان، تَبريز، اَستَر آباد، خَرقان، هرَّات، غَزني، رَيۡ، بَدَخْشان، دِمَشق، جِيلان، اَصفَهان، مُلْتَان، لاهور، دِهلي ۽ اجمير وغيره مختلف شهرن ۾ ويا، اتي موجود بزرگانِ دين، اولياءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضِري ڏني، ڪٿي عِلم و معرفت جو فيضان ورهايائون، ڪٿي عِلمِ ظاهر و