Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

اسان تي ڪهڙا ڪهڙا انعام فرمايا آهن، اسان کي ساھ عطا ڪيو، روزانو اسان کي رزق عطا فرمائي ٿو، اسان جون مشڪلاتون حَل فرمائي ٿو، اسان کي هٿ پير ڏنا، نڪ، ڪن، اک، زبان جي نعمت عطا فرمائي، انهيء رَحمٰن ورَحِيم مالڪ جي اَحڪامن تي عَمَل ڪريو، ان جي دِين کي سڄي دُنيا ۾ ڦھلائڻ جي لاءِ وقت ڪڍو ۽ ان نيڪ مقصد جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، اِنْ شَآءَ الله! دُنيا ۽ آخرت جون کوڙ ڀلايون نصيب ٿينديون۔ اچو! تَرغيب جي لاءِ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌو!

شرابي، مؤَذِّن بڻجي ويو

هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابستگي کان پهريان مان گناهن جي مرض ۾ مبتلا هئس، شراب پيندو هئس، گاريون ڏيندو هئس ۽ والدين ۽ پاڙيسرين کي خوب تنگ ڪندو هئس، نيٺ منهنجي قسمت جو ستارو چمڪيو ۽ منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمَّه دار اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان انفرادي ڪوشش ڪندي (يعني سمجھائيندي) مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، مون سان انڪار نه ٿي سگھيو ۽ مان يڪدم 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مُسَافِر بڻجي ويس، عاشقانِ رسول جي صحبت ملي ۽ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جا رسالا به ٻڌڻ لاءِ مليا، جنهن جي برڪت سان مان نه صِرف نماز پڙھڻ وارو بڻجي ويس، بلڪ ٻين کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ ۽ مدني قافِلن جو مُسَافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس۔ هن وقت مان هڪ مسجد ۾ مؤَذِّن آهيان ۽ خوب ديني ڪمن جون ڌومون مچائي رهيو آهيان۔ (شرابی مؤذن کیسے بنا؟ صفحہ:4) 

بے عَمَل، باعَمَل بَن گئے خاص کر                     آپ بھی دیکھ لیں، قافلے میں چلو

دِل پہ گر زَنگ ہو، سارا گھر تنگ ہو                       داغ سارے دھلیں، قافلے میں چلو([1])


 

 



[1]...وَسَائِلِ بخشش، صفحہ:672۔