Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
باطن سکڻ ۾ مشغول رهيا، تقريبًا 5 مهينن تائين پاڻ بغداد شريف ۾ پيرن جي پير، پير دستگير شيخ عبد القادر جيلاني يعني حُضُور غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ به حاضِر رهيا، (ہند کا راجہ، صفحہ:70) خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دين جا وڏا خدمت گذار هئا، پاڻ ڪم وبيش 90 لک ڪافِرن کي ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪيو، 96 سال دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، 6 رجب، 633 هجري، بروز سومر شريف، صبح فجر جي وقت مريد انتظار ۾ هئا ته پيرو مرشد تشريف فرما ٿيندا، نمازِ فجر پڙھائيندا پر حُضُور خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نه آيا، ڪافِي دير گذرڻ کان پوءِ حُجري جو دروازو کولي ڏٺائون ته غم جو سمنڊ اٿلي پيو، حضور خواجهءِ خواجگان، سلطان الهند، خواجه غريب نواز، مُعِينُ الدِّين حَسَن چشتي، سنجري، اجميري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وصال فرمائي چڪا هئا، ڏسڻ وارن اهو ايمان افروز منظر اکين سان ڏٺو ته خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نوراني پيشاني تي لکيل هو: حَبِيبُ الله مَاتَ فِي حُبِّ الله الله جو محبوب ٻانهو، محبتِ الٰهي ۾ وِصَال ڪري ويو۔ (ہند کا راجہ، صفحہ:78بتغیر قلیل) حضور خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مزار مُبَارَڪ هند جي مشهور شهر اجمير صوبي راجِستھان اُتر هند ۾ آهي۔ (مرآۃ الاسرار، صفحہ:610بتغیر قلیل) الله پاڪ جي اُنهن تي رحمت ٿئي ۽ ان جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
خواجۂ ہند وہ دربار ہے اعلیٰ تیرا کبھی محروم نہیں مانگنے والا تیرا
پھر مجھے اپنا دَرِ پاک دِکھا دو! آنکھیں پُر نور ہوں پھر دیکھ کر جلوہ تیرا
583 هجري ۾ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مڪي شريف حاضِر ٿيا ۽ حرمِ پاڪ ۾ عِبَادت ۾ مصروف رهيا۔ هڪ ڏينهن پاڻ عِبَادت ڪري رهيا هئا ته غيب مان آواز آيو: مُعِينُ الدِّين! اسان تو کان خوش ٿياسين ۽ تو کي بخشي ڇڏيو، توکي پنهنجي قرب ۾ عزت جي جڳھ عطا ڪئي، اڄ جيڪو چاهيو سوال ڪيو، تنهنجي آرزو پوري ڪئي ويندي۔ الله اڪبر! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شڪر