Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

ہیں کَسِ بے کساں     غریب نواز غریب نواز                       حامئِ بے کساں            غریب نواز غریب نواز

اے شہِ صالحاں  غریب نواز غریب نواز                    ہم پہ ہو مہرباں           غریب نواز غریب نواز

خدمتِ خلق جي فضيلت

اي عاشقان اولياء! اي عاشقان غريب نواز! ڏٺو اوهان! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪهڙا غريب نواز هئا؟ الله پاڪ اسان کي به غريبن جي مدد ڪرڻ، انهن جا ڏُک پري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلْخَلْقُ کُلُّہُمْ عَیَالُ اللہِ سموري مخلوق الله پاڪ جي عيال آهي (يعني حقيقت ۾ اهو مالڪ ئي سڀني کي پالي ٿو) فَاَحَبُّہُم اِلَی اللہِ اَنْفَعُہُم لِعَیَالِہٖ ته الله پاڪ کي وڌيڪ پسنديده اهو ٻانهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عيال کي گھڻو نفعو پهچائي ٿو۔ (جامع صغیر، صفحہ:251، حدیث:4135) 

 (2): هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: جيڪو ڪنهن غمگين جي مدد ڪري، الله پاڪ ان جي لاءِ 73 مغفرتون لکي ٿو، انهن مان هڪ مغفرت کان ان جا تمام ڪم دُرست ٿي ويندا آهن ۽ باقي 72 مغفرتون قيامت جي ڏينهن ان جا درجات آهن۔

(شعب الایمان، باب فی التعاون علی البر والتقوی، جلد:6، صفحہ:120، حدیث:7670)

(3): حضرت اَنَس بن مالِڪ رَضِی الله عَنْهُ فرمائن ٿا: حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِی الله عَنْهَا کي مخاطَب ڪري فرمايو: یاعائشۃ اَحِبِّی الْمَسَاکِیْنَ وَ قَرِّبِیہِمْ اي عائشه! مسڪينن سان محبت ڪيو! انهن کي پنهنجي قريب رکو! فَاِنَّ اللہَ یُقَرِّبُکِ یَوْمَ الْقِیَامۃِ الله پاڪ روزِ قيامت توهان کي پنهنجي قرب سان نوازيندو۔ (ترمذی، کتاب الزہد، باب ما جاء ان فقراء...الخ، صفحہ:562، حدیث:2352)

حضرت نوح عَلَيه السَّلام غريبن جو ساٿ نه ڇڏيو

پيارا اسلامي ڀائرو! غريبن جي دل جُوئي جي لاءِ انهن وٽ ويهڻ انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام جي سُنّت آهي۔ هڪ ڀيري ڪافرن حضرت نوح عَلَيه السَّلام کي چيو: