Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! رَجَبُ المُرَجَّب پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي، رَجَب اسلامي سال جو ستون مهينو آهي، الله جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِنَّ الرَّجَبَ شَهرُ الله بيشڪ رجب الله پاڪ جو مهينو آهي۔ (شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:369، حدیث:3804) حضور اڪرم مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رجب ۾ دُعا ڪندا هئا: اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا  فِی رَجَبٍ وَشَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَانَ اي الله پاڪ! اسان جي لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪت عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ۔ (معجم الاَوْسَط، جلد:3، صفحہ:85، حدیث:3939) صُوفي سڳورا فرمائن ٿا: رجب ٻج ڇٽڻ جو مهينو آهي ۽ شعبان لڙڪ وهائي پاڻي لڳائڻ جو مهينو آهي ۽ رمضان فصل لڻڻ جو مهينو آهي۔

(لطائفُ الْمَعَارِف، وظیفہ شہر رجب، صفحہ:170)

  اي جنت جا طلب گارو! ٻج ڇٽڻ جو مهينو آيو آهي، خوب عِبَادت جا ٻج ڇٽي وٺو، ذڪر و دَرُود جي ڪثرت ڪريو، نمازن جي پابندي ڪريو، تهجد، اشراق چاشت، اَوَّابين وغيره نفل نمازون به پڙهو، قرآنِ ڪريم جي خوب خوب تلاوت ڪريو، عِلمِ دين سکو، مدني قافلن ۾ سَفَر ڪريو، اجتماعات ۾ شرڪت ڪريو، ديني ڪمن جون ڌُومون مچايو ۽ نفل روزا به رکو۔ سردارِ مڪه، شاه مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفَّارو آهي، ٻي ڏينهن جو روزو ٻن سال جو ڪفَّارو آهي، ٽئين ڏينهن جو روزو هڪ سال جو ڪفَّارو آهي، ان کان پوءِ رجب جي هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي۔ (جَامِعْ صَغِیر، صفحہ:311، حدیث:5051) 

پيارا اسلامي ڀائرو! رَجَب شريف ۾ خواجهءِ اجمير، عطاءِ رسول، وارِثِ رسول، سلطان الهند، حضرت خواجه مُعِينُ الدِّين حَسَن سَنۡجَري چشتي اجميري المعروف خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عُرْس مُبَارَڪ ٿيندو آهي۔ انهيء نسبت سان اڄ اِنْ شَآءَ الله! خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ذِڪرِ خير ڪرڻ، ٻڌڻ جي سَعَادَت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان سڀني کي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو خصوصي فيضان نصيب فرمائي۔ اٰمِين