Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz
خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ مريد راجا وٽ ملازِم هو، راجا کي جڏهن پنهنجي ملازم جي اسلام قبول ڪرڻ جي خبر پئي ته اهو ان تي ظلم ڪرڻ لڳو، حضور خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خبر پئي ته پاڻ راجا کي ظلم کان باز رهڻ جو حڪم موڪليو، پر اهو ظالم اِقتِدار جي نشي ۾ مست هو، تڪبر سان چوڻ لڳو: اهو ڪير آهي جيڪو هتي ويهي اسان تي حڪم هلائي ٿو؟ خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ان جي غرور و تڪبر جي خبر ملي ته فرمايو: اسان ان کي گرفتار ڪري لشڪرِ اسلام جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔ اڃا ان واقعي کي ڪجھ ئي ڏينهن گذريا هئا جو سلطان مُعِزُّالدِّين محمد غوري شهر تي حملو ڪيو، راجا پنهنجي فوج سان مقابلي تي لٿو پر اسلامي لشڪر جي جُرئت ۽ بهادري جي سامهون گھڻي دير بيهي نه سگھيو، نيٺ هٿيار ڦٽا ڪري عبر تناڪ شڪست کاڌي، مسلمان سپاهين ان کي زِندھ گرفتار ڪري ذِلَّت سان سلطان محمد غوري جي سامهون پيش ڪري ڇڏيو۔ (اقتباس الانوار، صفحہ:368بتغیر قلیل)
راجا کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ سلطان محمد غوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ اجمير شريف حاضِر ٿي سندن دستِ حق تي بيعت ڪئي۔ (ہند کے مُرشدِ اعظم، صفحہ:89)
سرکارِ مدینہ کے صدقے میں عطا کردو! دولت بھی تمہاری ہے، منگتا بھی تمہارا ہے
سلطان نور الدّين جهانگير 1022 هجري ۾ پيرين اگھاڙي اجمير شريف آيو ۽ خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي درٻارِ ۾ حاضِري ڏني۔ شاھ جهان 21 سال هند تي حڪومت ڪئي ۽ ان 21 سالن ۾ 5 ڀيرا خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي درٻار ۾ حاضِر ٿيو ۽ ڪيئي ڏينهن تائين اتي قيام ڪيائون۔ سلطان اورنگزيب عالمگير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه يارهين صدي هجري جا مجدد آهن، پنهنجي دورِ حڪومت ۾ 4 ڀيرا بارگاھ خواجه ۾ حاضِر ٿيا۔ (ہند کا راجہ، صفحہ:29) مغليه سلطنت جا آخري بادشاھ بهادر شاھ ظفر خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شان ۾ قصيدا لکيا ۽ سندن بارگاھ ۾