Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Sultan ul Hind Khawaja Ghareeb Nawaz

ڪيو: حُضُور! شهر جي حاڪم منهنجي ٻني جي سڄي پيداوار ضبط ڪري ڇڏي آهي ۽ چوي ٿو: شاهي فرمان جي بغير توهان کي توهان جي پيداوار مان ڪو حِصّو نه ملندو۔ حُضُور! شفقت فرمايو! پنهنجي خليفي خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خط لکي حاڪمِ وقت وٽ سفَارش ڪرايو۔ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڏُکايل هاري جو عرض ٻُڌي ۽ ٿوري دير سوچي فرمايو: جيتوڻيڪ سِفَارش سان به تنهنجو مسئلو حَل ٿي ويندو پر الله پاڪ توهان جي ڪم جي لاءِ مون کي چونڊيو آهي، تنهنڪري مون سان گڏ دِهلي هلو۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان هاري کي گڏ وٺي اجمير شريف کان دِهلي آيا، اڃا راھ ئي ۾ هئا جو ڪنهن نموني خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سندن جي اچڻ جي خبر ملي وئي، خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جلدي سان وقت جي حاڪم سلطان شَمسُ الدِّين اَلتَمِش وٽ پهتا، ان کي خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي آمد جي خبر ڏني، سلطان شَمسُ الدِّين اَلتَمِش خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان گھڻي عقيدت رکندو هو، ان خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ شاهانه استقبال جو اهتمام ڪيو، جڏهن خواجه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيا ته خواجه بختيار ڪاڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بارگاھ ۾ حاضِر ٿي تشريف آوري جو سبب پڇيو، ته فرمايائون: هن هاري جي ڪم سان دِهلي آيو آهيان۔ عرض ڪيائين: حُضُور! اهو ڪم ته هتي جا خادِم به ڪري ڇڏين ها، توهان ايتري تڪليف ڇو ڪئي؟ فرمايائون: جڏهن اهو هاري مون وٽ آيو ته گھڻو ڏکايل هو، مون ان جي ڪم جي باري ۾ مراقبو ڪيو، غيب مان حڪم ٿيو: ڪنهن جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ عين بندگي آهي، مان ان جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پاڻ آيو آهيان۔ پوءِ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سلطان شَمْسُ الدِّين اَلتَمِش سان ملي غريب هاري جو مسئلو حل ڪرايو۔

گھِر کے طوفاں میں تجھے جس نے پکارا خواجہ          مِل گیا اُس کے سفینے کو کنارہ خواجہ

تیری آنکھوں کا جو ہو جائے اِشَارہ خواجہ              زندگی کو میری مل جائے سہارا خواجہ