Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

جي ڏينهن نه ڏسي سگھندو۔ فرمايائون: اهو بَخيل آهي۔ پڇيو ويو: بَخيل ڪير؟ ارشاد فرمايائون: اَلَّذِي لَا يصَلِّي عَلَي اِذْ سَمِعَ بِاِسْمِي، جنهن منهنجو نالو ٻڌو ۽ مون تي دُرُودِ پاڪ نه پڙھيو۔

(القول البديع،الباب الثالث في التحذير من ترڪ الصلاۃ ۔۔۔الخ، ص۳۰۲)

عالم سڳورا فرمائن ٿا: هر مسلمان تي عمر ۾ هڪ ڀيرو درود شريف پڙھڻ فرض ۽ هر مجلس ۾ جتي بار بار حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ورتو وڃي هڪ ڀيري واجب آهي ۽ هر ڀيري (جڏهن نالو اچي ته درود پڙھڻ) مستحب آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ۲/۹۷)

سُوزَنِ گُمشُدہ ملتی ہے تبسُّم سے ترے                                                                                          شام کو صُبح بناتا ہے اُجالا تیرا

مختصر وضاحت: يعني اسان جي پياري آقا، نور واري مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مرڪڻ سبب اهڙو نُور نڪرندو آهي جنهن جي روشني ۾ گم ٿيل سُئي ملي ويندي آهي، ڄڻ ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مان نڪرڻ وارو نور رات جي اونداهي کي ڏينهن جي سوجھري ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.

 (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭