Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

شرم وحيا کان معمور ماحول

پر جڏهن پيڪرِ شرم و حيا، جنابِ احمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا کي پنهنجي نوراني تعليمات سان منور ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا ته پاڻ سڳورن پنهنجي حيا دار نگاھ سان اهڙو ماحول بڻايو جو هر پاسي شرم و حياء جي روشني پکڙجڻ لڳي، هاڻي اهو ئي معاشرو (Society) جن وٽان ڪڏهن حياءُ جو گذر به نه ٿيو هو، اتي شرم و حيا جو سازگار ماحول پيدا ٿيڻ لڳو، اهو ئي معاشرو جتي شرم و حيا ڪرڻ عيب سمجھيو ويندو هو هاڻي انهيء ماحول ۾ جنابِ حضرت عثمانِ غني  رَضِىَ اللهُ عَنْه جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيڻ لڳا جن جي باري ۾ خود حبيبِ خدا، سيد الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: تَسْتَحِي مِنْه الْمَلَائِڪۃُ عثمان کان ته آسمان جا ملائڪ پڻ حيا ڪن ٿا۔

(مسلم،کتاب فضائل الصحابۃ،باب من فضائل عثمان بن عفان،ص۱۰۰۴، حدیث:۲۴۰۱)

یاالٰہی دے ہمیں بھی دولتِ شرم و حیا

حضرتِ عثماں غنی باحیا کے واسطے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پٽ وڃايو آهي حياءُ ناهي وڃايو!

          انهيءَ حيا واري ماحول جو نتيجو هو جو حضرت اُمِّ خَلَّاد  رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو پٽ جڏهن جنگ ۾ شهيد ٿي پيو۔ ته هوءَ پنهنجي پٽ بابت معلومات وٺڻ جي لاءِ نڪتيون، پر ان وقت به پنهنجو چهرو ڍڪي رکيو، چهري تي نقاب لڳائي بارگاھِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ حاضر ٿيون ته ان تي ڪنهن حيرت وچان چيو: اوهان هن وقت به باپرده آهيو؟ ته ان تي بي بي اُمِّ خَلَّاد  رَضِىَ اللهُ عَنْهَا چيو: مون پنهنجو پٽ ضرور وڃايو آهي، پر پنهنجو حياءُ ناهي وڃايو، اهو اڃا به باقي آهي۔

(ابو داود، کتاب الجهاد، باب فضل قتال …الخ، ۳/ ۹، حدیث: ۲۴۸۸ ملتقطا)