Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

حدیث:۱۱۷۶) جڏهن ته هڪ ٻي حديث ۾ اهو به منقول آهي: ”جيڪو شخص شَهوت سان ڪنهن نامحرم عورت جي حُسن وجمال کي ڏسندو قيامت جي ڏينهن ان جي اکين ۾ شيهو پگھاري وڌو ويندو۔“ (ھِدایہ،کتاب الکراھیۃ،فصل فی الوطءوالنظروالمس،۴/ ۳۶۸)

یاالٰہی رنگ لائیں جب مری بے باکیاں

ان کی نیچی نیچی نظروں کی حیا کا ساتھ ہو

(حدائق بخشش، ص۱۳۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي اسلاف جي شرم وحيا جا واقعا ٻڌي رهيا هئاسين، اچو! هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

حضرت عمر بن عبدالعزيز جو حيا

جيئن هڪ بزرگ جو بيان آهي ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه محتاط گفتگو ڪندا هئا، هڪ ڀيري سندن جي بغل ۾ ڦرڙي نڪتي۔ اسان ان بابت کائنس پڇڻ آياسين ته ڏسون ڇا ٿا فرمائن؟ اسان پڇيو ته ڪٿي نڪتي آهي؟ ارشاد فرمايائون: هٿ جي اندرئين حصي ۾۔

(احیاء العلوم، کتاب آفات اللسان،الآفۃ السابعۃ الفحش ۔۔۔الخ،۳/ ۱۵۱)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  ڏٺو اوهان  حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شرم و حيا ڪيتري هئي جو هو بغل جو تذڪرو ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا، پر اڄ اسان جي هڪ تعداد آهي جيڪا ڳالھين ڳالھين ۾ گھڻا فحش(يعني بي حيائي وارا) ۽ خراب جملا وڏي بي خوفي سان چوندي رهندي آهي ۽ انهن کي ان جو احساس به ناهي هوندو۔ شرما و حيا جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ارشادِ عاليشان آهي: اَلْجَنَّةُ حَرَامٌ عَلَي كُلِّ فَاحِشٍ أَنْ يَدْخُلَهَا هر فحش ڪلام ڪرڻ واري تي جنت جو داخلو حرام آهي۔ (موسوعة ابن ابی الدنیا، کتاب الصمت ،۷/ ۲۰۴،