Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

حضرت، امامِ اهلسنت، مولانا احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: پير ۽ استاد جي جاءِ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاويٰ رضويه، ج 24 ص 369، 424) ٭ جڏهن به اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڌو جتي جڳهه ملي اتي ئي ويهي رهو۔ ٭ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ويهو توهان جي پيرن کي آرام ملندو۔ (جامع صغير ،حديث:۵۵۴،ص۴۰)  ٭مجلس مان فارغ ٿي ٽي ڀيرا هيءَ دعا پڙهو ته گناهه معاف ٿي ويندا ۽ جيڪو اسلامي ڀاءُ ڀلائي ۽ ذِڪر واري مجلس ۾ پڙهي ته ان جي لاءِ خير تي مهر لڳائي ويندي، اها دعا هي آهي؛ ’’سُبْحَانَک اللّٰھُمَّ وَبِحَمْدِک لَا اِلٰه اِلَّا اَنْتَ اَسْتَغْفِرُک وَاَتُوْبُ اِلَيک‘‘ ترجمو : تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ اي الله! سڀ خوبيون تنهنجي لاءِ ئي آهن، تو کانسواءِ ڪو معبود ناهي، توکان بخشش گهران ٿو ۽ تو ڏانهن توبهه ڪريان ٿو۔ (سنن ابي داؤد،ڪتاب الادب، باب في ڪفارة المجلس، الحديث: ۴۸۵۷، ۴/۳۴۷) ٭ جڏهن ڪو باعمل عالم يا متقي شخص يا سيّد صاحب يا ماءُ پيءُ اچن ته تعظيم لاءِ اُٿي بيهڻ ثواب آهي۔ ٭ مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا؛ بزرگن جي اچڻ تي اهي ٻئي ڪم يعني تعظيمي قيام ۽ استقبال جائز بلڪ صحابه جي سنت آهن۔

(مراٰةالمناجيح ،ج۶، ص ۳۷۰، جمله منقول از سنتيں ۽ آداب،ص۹۹، بتغير)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه!       آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو”جنت جي قيمت“ هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين ته جنتي محل ڪيئن ملندا؟  صلح جي