Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

سان بي حجابي ۽ گفتگو وغيره جائز ٿيندي، جيسيتائين نڪاح ناهي ٿي ويندو اهي ٻئي پاڻ زال مڙس ناهن ۽ نه ئي هڪٻئي جا والدين انهن جي لاءِ سس ۽ سهرو آهن۔ مڱڻي جي باوُجُود اُنهن کي پاڻ ۾ به پردو ڪرڻو پوندو ۽ هڪٻئي جي والدين کان به شَرعي پردي جو لحاظ رکڻو پوندو۔ بدقسمتي سان اسان جي مُعاشَري ۾ مڱڻي جي آڙ ۾ پردي بابت شَرعي احڪامن کي پهريان کان وڌيڪ نظر انداز ڪيو ويندو آهي هڪ ٻئي کي نه صرف آزادي سان ڏسن ٿا بلڪه ڳالھ ٻولھ، کل ڀوڳ ۽ هڪ ٻئي سان گڏ اڪيلو گھمڻ ڦرڻ وغيره جا سلسلا زور ۽ شور سان شروع ٿي ويندا آهن جڏهن ته اهو ناجائز و حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم آهن۔ ياد رکو! مڱڻي ٿيڻ جي باوجود به اڃا تائين اهي ٻئي هڪ ٻئي جي لاءِ نامحرم ئي آهن۔

ياد رکو! جيڪو شخص پنهنجي اکين کي حرام سان ڀريندو آهي الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي اک ۾ جهنم جي باھ ڀري ڇڏيندو. (مُکاشَفَۃُ الْقُلُوب ، ص۱۰)

جيڪو نامحرمن کي دنيا ۾ ڏسندو ڪالھ قيامت واري ڏينهن ان جي اک ۾ جهنم جي سرائي ڦيري ويندي.( بَحرُ الدُّمُوع ، ص۱۷۱) جيڪي دنيا ۾ فلمون ڊراما ڏسي لطف اندوز ٿين ٿا اهي ڄڻ پاڻ کي جهنم جي باھ تي پيش ڪرڻ جي جسارت ڪن ٿا. جيڪي شريعت جي احڪامن جي پرواھ نٿا ڪن ڪالھ قيامت جي ڏينهن وڏين مصيبتن ۾ گرفتار ٿئي سگهن ٿا.

غير مَحرم سان گڏ اڪيلائپ جي ممانعت

رسولِ ڪريم،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو اهو هر گز ڪنهن اهڙي غير مَحرَم عورت سان گڏ تنهائي (Privacy) اختيار نه ڪري جنهن سان گڏ ان جو مَحرَم مرد نه هجي ڇوته اهڙي صورت ۾ انهن جي وچ ۾ ٽيون شيطان هوندو آهي۔ (مسند امام احمد،مسند جابر بن عبد اللہ،۵/۱۰۱،حـدیث:۱۴۶۵۷)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد