Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيڪرِ شرم و حيا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مڃڻ وارن ۾ شرم و حيا تي مشتمل زبردست ماحول بڻايو۔ اڄ اسان ڏسون ٿا ته شرم وحيا کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، اهي ماڻهو جيڪي شرميلا هجن، فطرتي طور تي حياءُ انهن ۾ گھڻو هجي ۽ اهي ان جو اظهار ڪن ته انهن تي طرح طرح جون ٽوڪون ڪيون وينديون آهن، ڪو چوندو آهي ته ادا! ڇو ڇوڪرين وانگر شرمائي رهيو آهين، ته ڪو اهڙي جي باري تبصرو ڪندي چوندو آهي: ٭ اهو ته ڇوڪرين کان به گھڻو شرميلو آهي۔ ڪنهن جي واتان هن طرح جا لفظ نڪرندا آهن ته ان جون ته ڇوڪرين واريون عادتون آهن۔ جڏهن ته ڪو ان جي باري ۾ اهو چوندي نظر ايندو آهي ته اڙي ادا! مرد ٿي مرد! عورت نه ٿي۔ جڏهن ته ڪنهن جي زبان تي اهڙا ڪلما هوندا آهن ته اهو ڇوڪرِي آهي ڇوڪرِي۔

اهڙن کي ياد رکڻ گھرجي ته شرم و حيا هڪ اهڙو وصف آهي جو جيترو  گھڻو هوندو آهي اوترو ئي ڀلائي ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ انهيء ڪري رسولِ رحمان، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: حياء صرف خير ئي آڻيندي آهي۔ (مسلم،کتاب الایمان،باب بیان عدد شعب الایمان،ص۴۵، حدیث:۳۷)

        جڏهن ته خود اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شرم ۽ حيا جو ڇا عالم هو، اچو ٻڌون ٿا: حضرت عمران بن حصين  رَضِىَ اللهُ عَنْه چون ٿا: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنواري، پردَه نشين ڇوڪريءَ کان به وڌيڪ باحيا هئا۔ (معجم کبیر،۱۸/۲۰۶، حدیث:۵۰۸) پوءِ ڇوته آقا ڪريم، رسولِ رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ شرم و حيا جا پيڪر هئا ان ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مقدس تعليمات سان سڄي معاشري کي حيادار ۽ باوقار بڻائي ڇڏيو ۽ اتي رهڻ وارو هر هڪ