Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

ڪاش انهن جي صدقي اسان کي به ان نيڪ خصلت جون برڪتون حاصل ٿين۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

مون کي ٻه (2)جنتون ملي ويون

منقول آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عُمَرفارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زماني ۾ هڪ عابد نوجوان هو حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه به ان جي عبادت تي تعجب ڪندا ڪندا هئا، ان نوجوان جو پيءُ پوڙهو هو، اهو نوجوان نمازِ عشا پڙھي پنهنجي پيءُ جي خدمت لاءِ ويندو هو۔ رستي ۾ هڪ عورت رهندي هئي، اها ان نوجوان تي فَريفته (عاشق) ٿي پئي ۽ روزانو ان جي راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجي بيهي رهندي هئي، آخرڪار هڪ ڏينهن اهو نوجوان شيطان جي ورغلائڻ ۽ ان عورت جي دعوت تي برائي جي ارادي سان ان ڏانهن وڌيو، پر جڏهن دروازي تي پهتو ته ان کي الله پاڪ جو اهو فرمانِ عاليشان ياد اچي ويو:

اِنَّ الَّذِیْنَ اتَّقَوْا اِذَا مَسَّهُمْ طٰٓىٕفٌ مِّنَ الشَّیْطٰنِ تَذَكَّرُوْا فَاِذَاهُمْ مُّبْصِرُوْنَۚ(۲۰۱) (پ۹،الاعراف ۲۰۱)

ترجَمو ڪنز الايمان: بيشڪ جيڪِي تقوى وارا آهِن. جڏهن اُنهن کي ڪنهن شيطانِي خيال جو ڌڪ لڳي ٿو ته هوشيار ٿِي وڃن ٿا اُنهئَ وقت سندن اکيُون کُلِي وڃن ٿِيُون.

هن آيت جي ياد ايندي ئي ان جي دل تي الله پاڪ جو خوف ايتري قدر غالب ٿيو جو اهو بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو. جڏهن اهو ڪافي دير تائين گهر نه پهتو ته ان جو پوڙهو پيءُ تلاش ڪندي اتي پهتو ۽ ماڻهن جي مدد سان ان کي کڻائي گهر پهتو. جڏهن رات دير سان نوجوان کي هوش آيو ته پيء پڇيائين: پٽ ڇا ٿيو؟ نوجوان چيو: هاڻي خيريت آهي۔ پيء خدا جو واسطو ڏئي حقيقَتِ حال معلوم ڪيو ته نوجوان سڄو معاملو عرض ڪري ڇڏيو۔ پيءُ پڇا ڪئي: پٽ! توهان ڪهڙي آيت پڙھي هئي؟ ان ٻيهر ساڳي آيت تلاوت ڪئي ته ٻيهر بيهوش ٿي ويو، جڏهن ان کي هِلائي ڏٺو ويو ته روح جسم مان پرواز ڪري چڪو هو۔ ان کي غسل ڏئي رات ئي جو دفن ڪيو ويو، صبح جو اها ڳالھ اميرالمؤمنين