Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

تشريف وٺي ويا، ۽ اهو به معلوم ٿيو ته مرڻ وارن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن جن کي الله پاڪ اها طاقت عطا فرمائيندو آهي ته هو پنهنجي قبرن مان به جن کان چاهين گفتگو ڪندا آهن۔ جيئن ته جڏهن حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه ان نوجوان کان تصديق چاهي ته رب پاڪ جو واعدو آهي ته جيڪو پنهنجي ربّ آڏو بيهڻ کان ڊڄي ان جي لاءِ ٻه جنتون آهن، ڇا توهان کي اهي جنتون مليون؟ ته ان نوجوان قبر جي اندران جواب ڏنو ته الله پاڪ مون کي ٻه جنتون ٻه ڀيرا عطا فرمايون آهن۔

هڪ ٻي اهم ڳالھ اها به خبر پئي ته جيڪڏهن ٻانهي ۾ شرم و حيا جو جذبو بيدار رهي ته هو هر طرح جي گناهن کان بچي سگھي ٿو۔ ۽ جيڪڏهن ان ۾ شرم و حيا نه هجي ته ٻانهن جي ويجھو ناپسنديده ڪم هجن يا خود خالقِ ڪائنات جي ويجھو، بي شرم انسان کي انهن کي ڪرڻ ۾ ڪا عار (Shame) محسوس ناهي ٿيندي۔ اسان اهو به ٻڌو ته اهو نوجوان پهريان ته شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي ويو جيئن ئي ان کي قرآنِ پاڪ جي آيت ياد آئي ۽ ان جي ذهن ۾ آيو ته اهو اهڙو ڪم آهي جنهن سان منهنجو مالڪ ۽ خالق ناراض ٿيندو ته شرم ۽ ندامت سبب هو بيهوش ٿي پيو۔ ۽ شرم و حيا انهيءَ شيءِ جو نالو آهي ته هر اهو ڪم جيڪو ربِّ ڪريم يا ٻانهن جي ويجھو ناپسنديده هجي ته ان کي ڇڏي ڏئي۔

شرم و حيا جي اهميت

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته شرم و حيا هڪ اهڙو مضبوط قلعو آهي جيڪو ذلت ۽ رسوائي وارن سمورن ڪمن کان بچائي ٿو ۽ جڏهن ڪو شرم و حيا جي هن دائري کان ٻاهر نڪري ته هو بي شرمي ۽ بي حيائي جي اونهائين ۾ ٻڏندو ويندو آهي۔

هونئن ته انسان ۾ ڪيئي ٻيون عادتون ۽ وصف به موجود آهن پر شرم و حيا هڪ اهڙو وصف آهي جو جيڪڏهن لب و لهجي، عادات و اطوار ۽ حرڪات و