Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

مدني ماحول بڻائڻ جا 19 مدني گل“ بهترين رهنما آهن.

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

  اَلْحَمْدُ لِلّٰه اڄ جي هن پُرفتن ماحول ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي گناهن کان بچائيندي آهي، شرم وحيا تي اڀاريندي ۽ عشقِ رسول جا جام ڀري ڀري پياريندي آهي۔ اسان کي به گهرجي ته هن ماحول سان وابسته ٿي وڃون ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ شرڪت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ روزانو گھٽ ۾ گھٽ 2 ڪلاڪ مدني ڪمن جي لاءِ ڏيڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي۔ يقيناً جيڪو جيترو وڌيڪ وقت ڏيندو، ان جي لاءِ ثواب ڪمائڻ جا موقعا به ايتري قدر گھڻا هوندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ ٭ ”مسجددرس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ ٭ ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جيئن

منقول آهي ته الله ڪريم حضرتِ سَيدُنا مُوسيٰ عَلَيه السَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حِليۃُ الاَولِياء،۶/۵،حديث:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين سٺين نيتن سان سُنَّتن ڀريو بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا ته ڀاڳ ئي کلي پوندا آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اُنهن جون قبرون اَندران جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ٿيندو۔ اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن