Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

چينل ريڊيو، ڪلب وغيره جي ڊائون لوڊنگ ۽ سرچنگ جي سهولت شامل ڪئي وئي آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪيو ۽ هن مان خوب فائدو وٺو.    

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سنت جي فضيلت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                       نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

ويهڻ جو سُنتون ۽ آداب

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ويهڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ملاحظه فرمايو ٭ سُرين (يعني ڌُڏ) زمين تي رکو ۽ ٻئي گوڏا اُڀا ڪري ٻنهي ٻانهن کي گوڏن جي چوڌاري ورايو ۽ هڪ هٿ سان ٻئي کي پڪڙيو، ان ريت ويهڻ سنّت آهي، (پر ان دؤران گوڏن تي ڪا چادر وغيره وجهڻ بهتر آهي) (مرآۃالمناجيح،۶/۳۷۸) ٭ پلٿي هڻي ويهڻ به نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ثابت آهي۔ ٭ جتي ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ هجي اتي نه ويهو۔ حضرت سيّدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽ ان تان ڇانوَ ختم ٿي وڃي ۽ هو ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ ۾ رهجي وڃي ته ان کي گهرجي ته ان جاءِ تان اٿي وڃي۔ (ابو داود،ڪتاب الادب،باب في الجلوس بين الظل و الشمس، حديث ۴۸۲۱، ج۴،ص۳۳۸) ٭ قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهو۔ (رسائل عطاريه حصو 2 ص 229) اعليٰ