Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

اچو! شرم وحيا تي مشتمل هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا،

اکين کان پياري رضاءِ الٰهي

پنهنجي زماني جا مشهور ولي حضرت سَيدُنا يونس بن يوسف رَحْمَةُ اللهِ   عَلَيْه جوان هئا، اڪثر وقت مسجد ۾ ئي گذاريندا هئا هڪ ڀيرو مسجد کان گھر اچي رهيا هئا ته اوچتو هڪ عورت تي نگاھ پيس ۽ دل ان ڏانهن مائل ٿيس پر پوءِ يڪدم ئي شرمسار ٿي توبه ڪيائون ۽ بارگاھ اِلٰهي ۾هيئن دعا ڪئي: ’’اي منهنجا پاڪ پروردگار! اکيون جيتوڻيڪ تمام وڏي نعمت آهن، پر هاڻي مون کي خطرو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪٿي اُهي منهنجي هلاڪت جو باعث نه بڻجي وڃن ۽ مان انهن جي ڪري عذاب ۾ ڦاسي نه وڃان، منهنجا مالڪ! تون منهنجي نظر ختم ڪري ڇڏ ته پوءِ سندن جي دعا قبول ٿي ۽ اُهي نابينا ٿي ويا۔ (عیون الحکایات،الحکایۃ السابعۃ والاربعون بعد المائۃ،۱۶۵ملخصا)

آنکھ اُٹھتی تو میں جھنجھلا کے پلک سی لیتا

دل بگڑتا تو میں گھبرا کے سنبھالا کرتا

(ذوقِ نعت،ص۳۱)

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي ولي حضرت يونس رَضِىَ اللهُ عَنْه جو اهو انداز، ايتري اعليٰ سوچ اها انهن جو ئي حصو هئي۔ بهرحال اسان کي ايترو ته ڪرڻ گھرجي ته اسان پنهنجي اکين کي هر ان ڪم کان بچايون جيڪي شرم وحيا جي خلاف هجن۔ خاص ڪري اِستِقبالِيه ڪيمپ تي ويٺل بي پرده عورت بدنِگاهي جي دعوت ڏئي رهي هجي يا ڪٿي رستي ۾ ايندي ويندي نظر اچي ته پنهنجي نِگاهن جي حفاظت ڪريو ڇوته اهڙي عورت کي بري نيت سان ڏسڻ مسلمان جو نه شيطان جو ڪم آهي۔ حضرت عبدُا بن مَسعُود رَضِىَ اللّٰهُ عنه کان روايت آهي ته حضور نبي پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذي وَقار آهي: يعني عورت عورت آهي (يعني لڪائڻ جي شيء) جڏهن ڪا عورت ٻاهر نڪرندي آهي ته شيطان ان کي جهاتي پائي ڏسندو آهي۔ (ترمذی،کتاب الرضاع، باب:۱۸، ۲ /۳۹۲،