Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

هڪ به ختم ٿيندو آهي ته ٻيو ازخود (Automatic) ختم ٿي ويندو آهي۔ اڄ اسلام جي دشمنن جي اها ئي سازش آهي ته مسلمانن مان ڪهڙي نموني حياءُ جي چادر لاٿي وڃي، جڏهن حيا ئي نه رهندو ته ايمان پاڻ ئي هليو ويندو۔

اڄ اسان جي معاشري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون بي حيائيون ڏٺيون وينديون آهن اچو ٻڌون ٿا: ٭ فحش يعني بي حيائي واري گفتگو ڪرڻ ٭ گاريون ڏيڻ ٭ چست يعني بدن سان چنبڙيل لباس پائڻ اهڙي طرح جو ان سان بدن جا عضوا ڏسڻ ۾ اچن ٭ وڏن جي تعظيم نه ڪرڻ ٭ گانا باجا ٻڌڻ ٭ فلمون ڊراما ڏسڻ ٭ گناهن جو ارتڪاب ڪرڻ ٭ بي حيائي وارا ناول پڙهڻ ٭ اجنبي مردن ۽ عورتن جو شاديءَ جي نالي تي هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ ٭ پردي جو لحاظ نه رکڻ ٭ اجنبي مردن جو خواتين کان بي تڪلف ٿيڻ ٭ ان کان علاوه به ڪيتريون ئي مثالون آهن. ياد رکو حديثِ پاڪ ۾ آهي: حياءُ ايمان جو حصو آهي۔ (مسند ابی یعلی، مسند عبداللہ بن سلام، ۶/۲۹۱، حدیث: ۷۴۶۳) يعني جنهن ۾ جيترو ايمان گھڻو هوندو اهو اوترو ئي شرم و حياءُ وارو هوندو جڏهن ته جنهن جو ايمان جيترو ڪمزور هوندو شرم وحيا به ان ۾ اوتري ئي ڪمزور هوندي۔

شرم و حيا ۽ جاهليت وارو دور

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان تاريخ (History) جو مطالعو ڪريون ته اسان کي خبر پوندي ته دورِ جاهليت يعني رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت مبارڪه کان پهريان واري زماني ۾ عربن ۾ بي حيائي ۽ بي شرمي عام هئي۔ مرد ۽ عورت جو اختلاط، عورتن جي نچڻ گائڻ مان لذت وٺڻ، اهو سڀ ان وقت به عام هو۔ عرب جا وڏا وڏا شاعر عورتن جي نازيبا حرڪتن ۽ ادائن جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ فخريه طور ڪندا هئا۔ اهڙي طرح ڪي ماڻهو پيءُ جي مرڻ تي مَعَاذَ الله پيءُ جي زال يعني پنهنجي ماٽيلي ماءُ سان نڪاح ڪندا هئا۔ ان کان علاوه به طرح طرح جي بي شرمي ۽ بي حيائي واريون رسمون انهن ۾ عام هيون۔ مطلب ته! جاهليت واري معاشري جو شرم و حيا کان پري پري تائين جو به تعلق نه هو۔