Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

مدني بهار

فيروز والا، (ضلع شيخوپوره، پنجاب، پاڪستان) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته هو مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان فڪرِ آخرت کان غافِل ٿي دنيا جي رنگينين ۾ گم هو۔ حالت اها هئي جو نماز پڙھڻ به نه ايندي هيس ۽ نه ئي وضو، غسل جو صحيح طريقو معلوم هيس۔ ان جي   زندگي ۾ بهار ڪجھ هن طرح آئي جو هڪ ڏينهن پاڙي واري مسجد ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سنت مان درس ڏئي رهيو هو۔ اتفاق سان ان ڏينهن هو به مسجد ۾ هليو ويو، جڏهن ان اسلامي ڀاءُ جو درس ٻڌائين ته درس جا پرتاثير لفظ دل ۾ سمائجي ويا۔ ان کان پوءِ هو پابندي سان مسجد ۾ نماز جي لاءِ اچڻ لڳو ۽ درس ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳو ان مسجد درس جي برڪت سان انهن هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪئي اتي سنتن ڀريو بيان ٻڌو، پوءِ ذڪر ۽ رقت انگيز دعا ٿي ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه هو ايترو متاثر ٿيو جو ان کان پوءِ نه صرف پاڻ پابندي سان اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو بلڪ پنهنجي دوستن کي به اجتماع ۾ وٺي وڃڻ لڳو اهڙي طرح ان اسلامي ڀاءُ سان گڏ ان جا ڀائر، سڄي گھر وارا ۽ دوست به گناهن کان توبه ڪري مدني ماحول سان وابسته ٿي ويا۔

ہے تجھ سے دعا ربِّ اکبر! مقبول ہو’’فیضانِ سُنّت‘‘

مسجِد مسجِد گھر گھر پڑھ کر ، اسلامی بھائی سناتا رہے

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۴۷۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ شڪ ناهي ته اسان جو معاشرو بري طرح بي حيائي جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي، فَحاشي ۽ عُرياني جون تيز ۽ سخت هوائون شَرم و حَيا جي چادَرن کي ليڙون ليڙون ڪري رهيون آهن، جديد دور