Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

جي روشن خياليءَ غيرت جو جَنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، هن نالي جي ترقّيءَ بي حيائي کي فيشن جو نالو ڏئي ميڊيا جي ذريعي گھر گھر ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، اولھ کان ايندڙ انڌي تهذيب شرم و حيا کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ مسلم معاشري ۾ به بي حيائي جو رواج عام ٿيندو پيو وڃي۔ اڄ تفريح گاهن ۾ بي حيائين جا نظارا عام آهن ۽ ويتر وڌي رهيا آهن۔ اڄ عورتن جي هڪ تعداد آهي جيڪا شرم و حيا جي چادر کي گھر رکي بازارن ۾ سرِ عام بي حيائي کي فروغ ڏيندي نظر اچي ٿي۔ ۽ اهي ماڻهو جن جي اکين مان شرم و حيا ختم ٿئي چڪو آهي اهي اهڙين کي معاذالله اکيون ڦاڙي ڏسندي نظر اچن ٿا۔ پهريان ته فلمن ۽ ڊرامن جا حياسوز منظر صرف ٽي وي ۽ سينيما گھرن جي سڪرينن تي ٿيندا هئا، پر اڄڪلھ موبائل جي سهولت هر هڪ جي ان تائين رسائي عام ۽ آسان ڪري ڇڏي آهي۔ اڄ اجنبي اجنبيه سان گڏ اڪيلو ملڻ ۾ ڪو شرم محسوس نٿو ڪري جڏهن ته اهو سخت حرام آهي۔ اڄ اجنبي ۽ اجنبيه هڪٻئي سان ملاقات ڪن ٿا، هڪٻئي سان هٿ ملائن ٿا ۽ بي شرمي سان مرڪندي نظر اچن ٿا، اڄ شرعي پردي کي پُراڻي دور جي رواج ۾ شمار ڪيو پيو وڃي۔ اڄ مسلمان عورت سينگارجي ٺهي بنا پردي جي ٻاهر نڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي۔  

مڱڻي کان پوءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو ميل جول

مطلب ته! حالات خراب کان خراب تر ٿيندا پيا وڃن، ان جو هڪ بنيادي سبب علمِ دين کان دوري پڻ آهي جيڪا ويتر برائي تي اڀاري ٿي۔ انهيء علمِ دين کان دوري ۽ جهالت جي گھڻائي جو نتيجو آهي جو مڱڻي (Engagement) ٿيڻ کان پوءِ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي لاءِ هڪ ٻئي کي ڏسڻ، هڪ ٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ ۽ ميل جول رکڻ جي معاملي ۾ شَرعي رُڪاوٽون ختم ڪيون وينديون آهن۔ جڏهن ته مڱڻي کان پوءِ به جيستائين نڪاح ناهي ٿيندو ڇوڪرو ڇوڪري هڪ ٻئي جي لاءِ بلڪل ائين ئي اجنبي ۽ نامَحرَم ئي آهن جيئن مڱڻي کان پهريان هئا، لهٰذا نڪاح ٿيڻ کان پوءِ ئي انهن ٻنهي جي لاءِ هڪ ٻئي