Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

سڪنات مان اهو پاڪيزه وصف ختم ٿي وڃي ته ٻيا ڪيئي سٺا وصف ۽ عمده عادتون (Good habits) پڻ هليون وينديون آهن۔ ٻيا ڪيئي نيڪ وصف شرم و حيا جي ختم ٿيڻ جي ڪري پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيندا آهن۔ ۽ اهڙو شخص ماڻهن جي نگاهن مان ڪري پوندو آهي۔

ياد رکو! ڏُک سُک، خوشي غمي، غصي ۽ شفقت سميت ڪئي ٻيا وصف جانورن ۾ به آهن جڏهن ته شرم و حيا هڪ اهڙو وصف آهي جيڪو صرف انسانن ۾ هوندو آهي، اهو جانورن ۾ ناهي هوندو۔ انسان ۽ جانور جو فرق شرم و حيا جي ذريعي ٿيندو آهي۔ هاڻي جيڪڏهن ڪنهن مان شرم و حيا ويندو رهي ته هاڻي ان ۾ ۽ جانور ۾ ڪجھ خاص فرق ناهي رهندو، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي دينِ اسلام شرم و حيا اپنائڻ جي گھڻي ترغيب ڏياري آهي۔

شرم حيا جي اهميت تي احاديثِ طيبه

          اچو! شرم و حيا جي اهميت بابت ڪجھ حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

ارشاد فرمايائون: بيشڪ حيا ۽ ايمان پاڻ ۾ مليل آهن، پوءِ جڏهن هڪ هليو وڃي ته ٻيو به کنيو ويندو آهي۔ (مستدرک،کتاب الایمان، باب اذازنی العبد خرج منہ الایمان، ۱/ ۱۷۶، حدیث: ۶۶)

ارشاد فرمايائون: بيشڪ هر دين جو هڪ خُلق آهي ۽ اسلام جو خُلق حيا آهي۔

(ابن ماجہ، کتاب الزھد، باب الحیاء،۴/۴۶۰، حدیث: ۴۱۸۱)

ارشاد فرمايائون: بي حيائي جنهن شيء ۾ هجي ان کي عيب دار ڪندي آهي ۽ حيا جنهن شيء ۾ هجي ان کي زينت بخشندي آهي۔ (ابن ماجہ، کتاب الزھد باب الحیاء،۴/۴۶۱، حدیث:۴۱۸۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اسلام ۾ شرم و حياء جي ڪيتري اهميت آهي، هڪ حديث ۾ فرمايو ويو ته ايمان ۽ حياءُ پاڻ ۾ مليل آهن، جڏهن