Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حياء پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان بزرگن جي شرم ۽ حيا جا واقعا ٻڌون ۽ پاڻ ۾ عمل جو جذبو بيدار ڪريون۔ اسان جي بزرگن جو شرم ۽ حيا ڪهڙو هو، اچو ان بابت ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا۔

عثمانِ باحيا جو شرم و حيا

          حضرت حسن رَحْمَةُ الله عَلَيه امير المومنين حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شرم و حيا جي شدت بيان ڪندي فرمائن ٿا ته جيڪڏهن حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪنهن ڪمري ۾ هوندا هئا ۽ ان جو دروازو به بند هوندو هو، تڏهن به وهنجڻ جي لاءِ ڪپڙا نه لاهيندا هئا ۽ حيا جي سبب ڇيلھ سِڌي نه ڪندا هئا۔ (مسند امام احمد،مسند عثمان بن عفان ،۱/۱۶۰،حـدیث: ۵۴۳)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو هڪ پاسي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن جيڪي تنهائي ۾ به شرم و حيا جو لحاظ رکن ٿا جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جي هڪ تعداد آهي جيڪا تنهائي ته ڇا سڀني جي سامهون به شرم و حيا جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر ايندي آهي، ڪڏهن مختصر ۽ سنهو لباس پائي، ڪڏهن شادين ۾ مردن ۽ عورتن جي نچڻ ڳائڻ جون محفلون سجائي ۽ ڪڏهن نگاهن کي حرام سان پُر ڪري شرم وحيا جو سرِ عام جنازو ڪڍندي نظر ايندا آهن۔ اچو دعا ڪريون ٿا ته يا الله پاڪ توکي حضرت عثمانِ غني  رَضِىَ اللهُ عَنْه جي حيا جو واسطو اسان کي به شرم وحيا جي نيڪ عادت عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

میری بَک بَک کی عادت مِٹا دے

اور آنکھیں حَیا سے جُھکا دے

صدقہ عثماں کا جو باحیا ہے

یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

                                     (وسائلِ بخشش مُرمّم،ص ۱۳۹)