Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”شرم و حيا ڇا کي چئبو آهي؟“۔ شرم و حيا هڪ اهڙي صفت آهي جنهن جي بغير ايمان واري جي زندگي اڻپوري آهي۔ هي ايمان جي تقاضن مان اهم تقاضا آهي۔ چڱين صفتن مان هڪ چڱي صفت آهي۔ قرآن و حديث ۾ ان جي اهميت (Importance) ڪهڙي طرح بيان ٿي آهي، ۽ اسان جي اسلاف جي شرم و حيا ڪهڙي هئي، ان سان گڏوگڏ ٻيون به کوڙ فائديمند ڳالهيون اڄ اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔

سڀ کان پهريان اهي ٻه اهم ڳالهيون ذهن نشين فرمايون:

هڪ اها ته ”شرم“ ۽ ”حياءُ“ جي هڪ ئي معنيٰ آهي۔

ٻي ڳالھ اها ته شرم و حيا ڇا کي چئبو آهي ۽ هن مان ڇا مراد آهي؟ اچو اهو به ٻڌي وٺو: شرم و حيا ان وصف کي چئبو آهي جيڪا ٻانهي کي هر ان شيء کان روڪي جيڪا الله پاڪ ۽ ان جي مخلوق وٽ ناپسنديده هجي۔ (باحیا نوجوان، ص۷ ملخصا)

يعني اها صفت جيڪا انسان کي ان ڪم يا شيء کان بچائي جنهن کي الله پاڪ ۽ ان جي مخلوق ناپسند ڪندي هجي۔ ان کي شرم و حياءُ چيو ويندو آهي۔

اچو! هاڻي اسان هڪ حڪايت (Parable) ٻڌون ٿا جنهن مان خبر پوندي ته اسان جا اسلاف(بزرگانِ دين) پنهنجي رب کان ڪهڙي شرم وحيا رکڻ وارا هئا۔ اي