Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

اَلْحَمْدُلِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ  ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (شُعَبُ الْاِيمان ج۵ ص۱۸۱ حديث۶۲۸۵) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) ٭ خَاتَـمُ المُرۡسَلِين، رَحۡمَة لّلعٰلمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو۔ (ڪشْفُ الاِلْتِباس فِي اسْتِحْبابِ اللِّباس لِلشَّيخ عبدالْحَقّ الدّھلَوي ص۳۶) ٭ لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي (اَيضاً ص ۱۴) ٭ پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (اَيضاً۴۳) ٭ اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةالمدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 3 صفحي 409 تي آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ ۾ وڌ آڱرين جي پورن تائين ۽ ويڪر هڪ گرانٺ هجي. (رَدُّالْمُحتار ج ۹ ص ۵۷۹) ٭ سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي۔ (مراٰة، ج۶ص۹۴) ٭ مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعتجلد 1 صفحي 481 تي آهي: مرد جي لاءِ دُن کان هيٺ کان گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي يعني ان جو ڍڪيل هجڻ فرض آهي، دُن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن. ٭ تڪبّر جي طور جيڪو لباس هجي اهو ممنوع آهي ـ ۽ تڪبر آهي يا نه ان جي سڃاڻپ ائين ڪري جو ان ڪپڙن جي پائڻ کان پهرين پنهنجي جيڪا حالت ڏسي ٿو جيڪڏهن پائڻ کان پوءِ به اها ئي حالت آهي ته خبر پئي ان ڪپڙن ۾ تڪبّر پيدا نه ٿيوـ جيڪڏهن اها حالت باقي نه رهي ته تڪبر اچي ويو، تنهن