Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

کي به اهو درس ملي ٿو ته جڏهن ڪنهن وڏي جي بارگاھ ۾ وڃون، چاهي اهو استاد (Teachers) هجي، چاهي اهو ڪوئي عالمِ دين هجي، چاهي اهو ڪو مفتي صاحب هجي، پير و مرشد هجن يا والد صاحب هجن ته اسان کي به ادب ۽ تعظيم سان ويهڻ گھرجي، افسوس! جو اڄ جو نئون نسل هن طرح جي ادب ڪرڻ کان گھڻو پري ٿيندو پيو وڃي، وڏن سان ڪيئن ڳالھ ڪئي ويندي آهي، وڏن جي اڳيان ويهڻ اٿڻ ۾ ڪهڙن آدابن کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي، ڪهڙي ڳالھ وڏن جي اڳيان خلافِ ادب آهي، وغيره وغيره هنن ڳالهين سان اڄ جو نئون نسل ئي ڇا وڏا به ڪافي پري نظر اچي رهيا آهن۔ والدين کي گھرجي ته اولاد کي ننڍپڻ ئي کان وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ سيکارين۔

ياد رهي ته !والدين تي اولاد جا جيڪي حق آهن، انهن مان هڪ اهو به آهي ته اولاد جي سٺي تربيت ڪن انهن کي اسلامي اخلاق ۽ آداب سيکارين ان جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”اولاد جا حَق“ جو مطالعو ڪريو.

الله ڪريم اسان کي ۽ اسان جي اولادن کي باادب ۽ بانصيب بڻائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

عبادت ڪيئن ڪريون؟

ٽئين ڳالھ جيڪا هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿي اها هي آهي ته اسان کي هرعبادت اهڙي طرح سان ڪرڻ گھرجي جو تصور اهو هجي ته هو رب جنهن جي اسان عبادت ڪري رهيا آهيون اسان هن کي ڏسي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اهڙو تصور نه بڻجي ته اهو تصور ته بنائڻ ئي گھرجي ته جنهن جي بارگاھ ۾ اسان حاضر آهيون هو پاڪ پَروَردگار اسان کي ڏسي رهيو آهي۔ اها ئي ڳالھ مسلمان کي ظاهري آداب ۽ شرعي مسئلا سکڻ تي اڀارڻ جي لاءِ ڪافي آهي ته ٻانهو اهڙي طرح عبادت ڪري جو جهڙي طرح عبادت ڪرڻ جو حڪم آهي، پڻ هي ڳالھ خشوع ۽ خضوع جو حقيقي رنگ آهي ته مان جنهن جي عبادت