Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ڪري رهيو آهيان، انهيءَ جي لاءِ ڪري رهيو آهيان ۽ اهو مونکي ڏسي رهيو آهي ۽ هن طرح سان ڪئي ويندڙ عبادت ٻانهي جي ظاهر کي به سنواري ڇڏيندي آهي ۽ ان جي باطن کي به جڳمڳائي ڇڏيندي آهي۔ اي ڪاش! اسان کي به پنهنجي عبادتن ۾ شرعي آداب ۽ خشوع ۽ خضوع نصيب ٿي وڃي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

قيامت ڪڏهن ايندي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ٻي اهم ڳالھ جيڪا هن حديثِ پاڪ مان اسان کي معلوم ٿي اها هي آهي ته حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي معلوم هو ته رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان غيب ڄاڻن ٿا ۽ اها ڳالھ به خبر آهي ته قيامت ڪڏهن ايندي۔ اهو ئي سبب آهي جو انهن سوال ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته قيامت ڪڏهن ايندي۔ حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هتي حضرت جبرائيل امين (عَلَيۡهِ السَّلَام) حضور (عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام) جي امتحان يا عجز ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ته سوال نه ڪري رهيا هيا، بلڪ اهو ڏيکارڻ چاهين پيا ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي قيامت جو علم ته آهي پر ان جو اظهار نه فرمايائون۔ خيال رهي ته حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) ٻين موقعن تي قيامت جو ڏينهن به ٻڌايو، مهينو به تاريخ به ۽ فرمايائون جمعه جو ٿيندي، محرم جي مهيني ڏهين تاريخ ۾ ٿيندي۔ (مرآة المناجيح،ڪتاب الايمان ،الفصل االاول،۱/۲۶)  جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي ته قيامت عاشوراء جي ڏينهن يعني محرم جي مهيني جي ڏهه تاريخ تي ٿيندي.  (فضائل الاوقات للبیہقی، باب تخصیص یوم عاشوراء بالذکر، ص۱۱۹، الحدیث: ۲۸۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قيامت جون نشانيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنجين ڳالھ جيڪا هن حديث مان معلوم ٿي رهي آهي اها هي آهي ته قيامت ته ايندي، پر ان جي اچڻ کان پهريان ڪجھ نشانيون ۽ علامتون به آهن جيڪا هن ڳالھ جي نشاندهي ڪنديون ته قيامت اچڻ واري