Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ڪندا، انهن کي بُرو چوندا۔ (ترمذی، کتاب الفتن، باب ما جاء فی علامۃ...إلخ،۴/۹۰،حدیث: ۲۲۱۸)  ٭ ذَليل ماڻهو جن کي تن جو ڪپڙو، پيرن جون جوتيون نصيب نه هيون اهي وڏن وڏن محلن ۾ فخر ڪندا۔ (مسلم، کتاب الایمان،باب بیان الایمان...إلخ،ص۳۳،حدیث:۹۳ملتقطا)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌو، قيامت جون ڪجھ نشانيون اهڙيون آهن جيڪي پوريون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪجھ نشانيون اهڙيون به آهن جيڪي پوريون ٿيڻ باقي آهن۔

(1)نشاني چنڊ جو ڦاٽي پوڻ

      هڪ نشاني جيڪا پوري ٿي چڪي آهي ان کي قُرآنِ پاڪ ۾ به صراحت سان بيان ڪيو ويو آهي، جيئن سيپاري 27 سورة القمر جي پهرين آيت ۾ ارشاد آهي:

اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَ انْشَقَّ الْقَمَرُ(۱)  (پ ۲۷، القمر:۱)                                                  

ترجَمَهٔ ڪنزُالايمان: قيامت قريب اچي وئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.

          تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان آهي ته قيامت جي نزديڪ هئڻ جي نشاني ظاهر ٿي وئي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي معجزي سان چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي ڦاٽي پيو۔ چنڊ جو ٻه ٽڪر ٿيڻ بابت هن آيت ۾ بيان آهي، اهو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روشن معجزن مان آهي۔ (خازن، القمر، تحت الآية: ۱، ۴/۲۱۶)

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته چنڊ جو ڦاٽي پوڻ اها قيامت جي نشاني هئي، جڏهن ته ڪافرن جي اصرار  تي تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معجزو ڏيکاريندي چنڊ کي چيري ان جا ٻه ٽڪرا ڪيا هئا۔

(2) ٻانهي پنهنجي مالڪ کي ڄڻيندي

 اسان قيامت جي هڪ نشاني اها به ٻڌي ته ٻانهي مالڪ کي ڄڻيندي. اها به قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني آهي عالم سڳورن هن فرمانِ مصطفيٰ