Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ان چيو: مون کي احسان جي باري ۾ ٻڌايو؟ اُمّت تي مهربان، ٻنهي جھانن جي سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: تون الله پاڪ جي عبادت اهڙي طرح ڪر جو ڄڻ تون ان کي ڏسي رهيو آهين، جيڪڏهن تون ان کي نٿو ڏسي سگھين ته هُو ته توکي ڏسي رهيو آهي۔ پوءِ ان عرض ڪيو: مون کي قيامت جي باري ۾ ٻڌايو؟ فرمايائون: جنهن کان قيامت جي باري ۾ پڇيو ويو آهي اهو پڇڻ واري کان وڌيڪ نٿو ڄاڻي۔ عرض ڪيائين: قيامت جون نشانيون ئي ٻڌائي ڇڏيو۔ فرمايائون: ٻانِهي پنهنجي مالڪ کي ڄڻيندي ۽ توهان ڏسندؤ ته اگھاڙن پيرن وارا، اگھاڙي جسم، مفلس ۽ ٻڪريون چارڻ وارا بلند و بالا گھرن جي تعميرات ۾ هڪٻئي تي فخر ڪندا هوندا۔ پوءِ اهو شخص هليو ويو، (حضرت عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا) مان ڪجھ دير خاموش رهيس، پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي عمر! خبر اٿئي اهو سوال ڪندڙ ڪير هو؟ مون چيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻن ٿا۔فرمايائون: اهو حضرت جبرائيل هئا جيڪي توهان کي توهان جو دين سيکارڻ آيا هئا۔ (مسلم،ڪتاب الايمان،باب بيان الايمان۔۔۔الخ،ص۳۳،حديث:۹۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

فيضانِ حديث

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ سکڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ آهي۔ اچو! هن حديثِ پاڪ مان حاصل ٿيندڙ ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿا:

پهرين ڳالھ جيڪا سکڻ جي لاءِ ملي اها هي آهي ته اسان کي خبر آهي ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام نوري مخلوق يعني ملائڪ آهن، بلڪه تمام نوري ملائڪن جا سردار آهن، سيدالملائڪه آهن، ۽ مسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي ته رسولِ ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: الله پاڪ ملائڪن کي نور مان پيدا فرمايو آهي۔ (مسلم،ڪتاب الزهد والرقائق ،باب في احاديث متفرقة، ص۱۲۲۱ ، حديث:۷۴۹۵) معلوم ٿيو ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام به نور مان پيدا ڪيا ويا