Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ياد رکو! ڄاڻي واڻي نماز قَضا ڪرڻ گناھ ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ الله پاڪ سيپاري 16،سُورَه مَريم جي آيت نمبر59 ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) (پ۱۶،سورہ مريم:۵۹)

ترجمو ڪنز الايمان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق آيا جن نمازون وڃايون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا عنقريب پوءِ اهي دوزخ غيّ جو جھنگ ڏسندا.

جھنم جي خوفناڪ واديءَ جو خوفناڪ کُوه

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيتِ مبارڪه ۾ ’’غَیّ‘‘ جو تذڪرو آهي ۽ ان مان مراد جهنم جي هڪ وادي آهي. صَدرُ الشَّرِيعَه، بَدرُ الطَّرِيقَه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اَعظَمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ’’غَیّ‘‘ جهنم جي هڪ وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ اونهائي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان ۾ هڪ کوھ جنهن جو نالو ’’هَب هَب‘‘ آهي، جڏهن جهنم جي باھ وسامجڻ تي ايندي آهي ته الله پاڪ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها (جهنم جي باھ) بدستور ڀڙڪڻ لڳندي آهي. الله عَزَّ وَجَلَّ ارشاد فرمايو: ) كُلَّمَا خَبَتْ زِدْنٰهُمْ سَعِیْرًا(۹۷)( ترجمو ڪنزالايمان: جڏهن به وسامڻ لڳو ته اسان ان کي اڃان وڌيڪ ڀڙڪائينداسي. (پ۱۵، بني اسرآئيل:۹۷) (وڌيڪ فرمائن ٿا ته) هي کوھ بي نمازين ۽ زانين ۽ شرابين ۽ وياج خورن ۽ ماءُ پيءُ کي ايذاء ڏيڻ وارن جي لاءِ آهي۔ (بهارِشريعت، ۱/ ۴۳۴،حصه سوم)

حضرت مفتي احمديارخان عليه رحمةُ الحِنّان، سُوۡرةُ الۡمَاعُون جي آيت نمبر 5 جي حوالي سان فرمائن ٿا: نماز وسري وڃڻ جون چند صورتون آهن: ڪڏهن نه پڙهڻ، پابندي سان نه پڙهڻ، صحيح وقت تي نه پڙهڻ، نماز صحيح طريقي سان ادا نه ڪرڻ، شوق سان نه پڙهڻ، سوچي سمجهي نه پڙهڻ، سستي، بي پرواهي سان پڙهڻ. (نورالعرفان ص957)