Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

نماز جون برڪتون

اي عاشقانِ رسول! اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ اسان ٻڌو ته نمازون قضا ڪرڻ به قيامت جي نشانين مان آهي۔ اچو! هٿوهٿ نيت ڪريو ۽ وڏي آواز سان اظهار ڪيو ته اڄ کانپوءِ منهنجي ڪابه نماز قضا نه ٿيندي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ نماز هڪ تمام وڏي عبادت آهي، ٭ نماز جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي، ٭ نماز مؤمن جي لاءِ بهترين عمل آهي، ٭ نماز نور آهي، ٭ خشوع ۽ خضوع سان ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ واري جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي، ٭ ٻه رڪعتون نماز دنيا ومافيها(يعني دنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي، ان) کان بهتر آهي، ٭ نماز الله پاڪ جو پسنديده عمل آهي، ٭ نماز ۾ هر سجدي جي بدلي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي، ٭ هڪ گناھ مٽايو ويندو ۽ هڪ درجو بلند ڪيو ويندو آهي، ٭ نمازي قيامت جي ڏينهن سلامتيءَ سان جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، ٭ نماز سان گناھ ڇڙندا آهن، ٭ نماز گناهن جي مير کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، ٭ هڪ نماز پوئين نماز جي دوران ٿيڻ وارن گناهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، ٭ نمازي ڀلائي ۾ رات گذاريندو آهي، ٭ نماز برائين کي مٽائيندي آهي، ٭ نمازي جنت ۾ داخل ٿيندو، ٭ نمازيءَ جي لاءِ معصوم ملائڪ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مغفرت جي سفارش ڪندا آهن، ٭ نمازي الله پاڪ جي امان يعني حفاظت ۾ رهندو آهي، ٭ نماز، نمازي جي لاءِ دعاءِ حفاظت ڪندي آهي، ٭ نمازي ڪامل مؤمن آهي، ٭ نمازي کي پورو بدلو ڏنو ويندو، ٭ نماز، شيطان جو منهن ڪارو ڪندي آهي.

دیدارِ حَق دِکھائے گی اے بھائیو! نماز                      جنّت تمہیں دِلائے گی اے بھائیو! نماز

دربارِ مُصْطفےٰ میں تمہیں لے کے جائے گی                        خالِق سے بَخْشوائے گی اے بھائیو! نماز

عزّت کے ساتھ نُوری لِباس اچّھے زیورات                      سب کچھ تمہیں پہنائے گی اے بھائیو! نَماز

جنَّت میں نَرْم نَرْم بچھونوں کے تَخْت پر                           آرام سے سُلائے گی اے بھائیو! نماز