Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

      اچو! اسان نيڪ بڻجڻ جو عظيم نسخو يعني مدني انعامات جو رسالو حاصل ڪريون۔ قافلن جا مُسافر بڻجي وڃون، اسان کي خبر پوندي ته ماءُ پيءُ جون دُعائون ڪيئن ورتون وينديون آهن، هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ نه صرف پاڻ شرڪت جي سعادت حاصل ڪريون بلڪ پنهنجي دوست احباب کي به شرڪت ڪرايون، پوءِ خبر پوندي ته ماءُ پيءُ کي ڪهڙي طرح خوش ڪري ان جي دِل جون دُعائوون وٺي سگھجن ٿيون۔ "مدني دوري" جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪريون، هر وقت پنهنجو پاڻ کي نيڪي جي ڪمن جي لاءِ تيار رکون۔ ۽ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي 12 مَدَني ڪمن ۾ حِصّو وٺو ۽ پنهنجي قَبر و آخرت کي سَنوَاريو ۔

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه رِسالو بنام ”صَداءِ مدينه“ به مَنظرِ عام تي اچي چڪو آهي۔ 12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ’’صَداءِ مدينه‘‘ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ’’صَداءِ مدينه‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري تنظيمي ذميداران هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه جي بستي تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوت ِاسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو۔ ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگهجي ٿو.

هن رسالي جي مطالعي جي بَرَڪت سان اوهان کي خبر پوندي، ٭ صداءِ مدينه ڇا آهي؟ ٭ صداءِ مدينه ۾ مسلمانن جي لاءِ دعا، ٭ صداءِ مدينه جا دنياوي فائدا، ٭ صداءِ مدينه جا ڪجھ مَدَني گل، ٭ گهٽيءَ ۾ صداءِ مدينه لڳائڻ جو طريقو، ٭ صداءِ مدينه جون مَدَني بهارون وغيره.  

٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ